سنڌي ادب ۾ تنقيدنگاري

سنڌي ادب ۾ تنقيدنگاري:
ادبي دنيا ۾ عام تاثر اهو آهي ته سنڌيءَ ۾ ‘تنقيدي ادب ’ جي کوٽ آهي، پر هروڀرو ائين به ڪونهي. سنڌ ۾ به تنقيدي ادب چڱي تعداد ۾ ملي ٿو، پر هند ۾ ته ان کان به وڌيڪ ۽ معياري تنقيدي ادب موجود آهي.
تاريخي حوالي سان ڏسجي ته سنڌي ادب جي تاريخن ۾ نائين ۽ ڏهين صدي عيسويءَ ۾ هڪ شاعر ‘ڪويراج شکِر’ جو ذڪر ملي ٿو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جا هڪ درجن کن ڪتاب ‘عروض، ادب، تاريخ ۽ تنقيد’ تي مشهور ٿيا. ڪويراج پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ سنڌ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته “هتان جي انوکي ادب جي خوبي لاڙ جي ئي شاعرن لاءِ مخصوص آهي. سندن شاعريءَ جي پياري ۽ پسنديده طرز، جنهن جي خصوصيت رنگيني ۽ ظرافت آهي، سا ‘لاڙي طرز’ جي ئي نالي سان مشهور آهي.”
ان کي پهريون ‘تنقيدي بيان’ چئي سگهجي ٿو، جنهن جو حوالو مختلف ڪتابن ۾ ملي ٿو.
شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي رسالي ۾ قاضي قادن جي ستن بيتن مان هڪ بيت هو:
جوڳيءَ جاڳايوس، سُتو هوس ننڊ ۾،
تهان پوءِ ٿيوس، پريان سندي پيچري.
ڪلهوڙن جي دور جي هڪ عالم مخدوم ابوالحسن (1661ع) ان بيت تي تنقيد ڪئي هئي، خاص ڪري لفظ ‘جوڳيءَ’ جي معنيٰ، مفهوم ۽ استعمال تي هن اعتراض ڪيو هو. هو هڪ ظاهر پرست عالم هو، ان ڪري مسلمانن جي رهبري يا سجاڳيءَ لاءِ ڪنهن اهڙي ‘ديسي لفظ’ جي استعمال کي مناسب نه ٿي سمجهيائين، جيڪو ‘مرشد’ جي معنيٰ ظاهر ڪري. هن تنقيد فارسيءَ ۾ ڪئي هئي، جيڪا ان وقت علمي زبان هئي، سندس تنقيدي جملو هن ريت آهي.
‘نه جوڳي ست عارف نه سمني گهي شده هريک ملحد و گمرهي’
هن جملي مان محسوس ٿئي ٿو ته ابوالحسن جوڳي’ لفظ کي ‘عارف’ جي متبادل يا برابر نه ٿي سمجهيو، يا مرڳو ئي ’جوڳي‘ مان کيس الحاد ۽ گمراهيءَ جو شڪ ٿي ظاهر ٿيو. ‘جوڳي’ لفظ ‘جوڳ’ يا ‘يوگ’ مان ٺهيو آهي، جنهن کي سنڌ جو عام ماڻهو سمجهي سگهيو ٿي ۽ وٽن ‘جوڳ پچائڻ’ جو هڪ واضح تصور هو.
جوڳيءَ جي جاڳائڻ واري ترڪيب عام ماڻهن لاءِ اوپري نه هئي، ان ڪري ئي ته قاضي قادن ان کي پنهنجي بيت ۾ ائين ڪتب آندو ته جيئن سنڌ جا ‘هندو توڙي مسلمان’ ان کي گرو، مرشد يا رهبر جي معنيٰ ۾ سمجهي سگهن. بهرحال ابوالحسن جي اعتراض مان نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته ان وقت جي ماڻهن ۾ اهڙو تنقيدي شعور موجود هو، جنهن سان هو شاعرن ۽ سندن شاعريءَ تي ڪا راءِ ڏئي سگهيا ٿي. البت ان جو اظهار فارسيءَ ۾ هئڻ مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته سنڌي شاعريءَ تي تنقيد لاءِ فارسي زبان کي ذريعو بنايو ويندو هو.
ساڳئي سلسلي کي قائم رکندي محمد ابراهيم خليل ٺٽويءَ، پهرين ‘مقالات الشعراءِ’ ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ وري ‘تڪمله مقالات الشعراءَ’ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ ڏيڍ سؤ سالن جي عرصي ۾ گذريل انهن شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن سنڌ جو هوندي به فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي. اهو سلسلو 1317هه/1899ع تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ ڪتاب يعني ‘تڪمله مقالات الشعراء’ ۾ به تنقيدي اشارا ملن ٿا. مثلاً: هڪ شاعر ‘احمد’ بابت مصنف لکي ٿو ته، “سندس شاعري فصيح ۽ ان جو تاثير بليغ آهي. نظم دلپسند اٿس ۽ نثر ارجمند”. اها تنقيدي راءِ به فارسيءَ ۾ لکيل آهي.
سيد ثابت علي شاهه (جنم 1810ع) لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن پنهنجي هڪ همعصر شاعر سيد خير شاهه جي لاءِ هجوَ لکي هئي، جنهن جو جواب سيد خير شاهه کيس ساڳئي نموني هجوَ لکي ڏنو هو، انهن شاعراڻين چوٽُن ۾ به ڪي تنقيدي اشارا ملن ٿا.
سنڌيءَ ۾ لکيل تنقيد جي ڪتابن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪڙا اصولي تنقيد جا ڪتاب يا مضمون وغيره ۽ ٻيا عملي تنقيد جا ڪتاب ۽ مضمون مقالا وغيره. ان کان سواءِ تحقيق جي لحاظ کان لکيل ڪتابن کي به مٿين ٻنهي قسمن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.
ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ تنقيد: سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي ڇپجڻ جي باقاعدي شروعات ‘سنڌو’، ‘اديب سنڌ’ ۽ ‘مهراڻ’ وغيره رسالن کان ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جن ۾ ورهاڱي کان اڳ تنقيدي تبصرن جو وڏو انگ ڇپيل نظر اچي ٿو. ‘مهراڻ’ رسالي جو ٻيو جنم پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 1955ع ۾ ٿيو.
سڀ کان اڳ ۾ ‘سنڌو’ رسالي تنقيد جي ڏس ۾ اڳڀرائي ڪئي ۽ 1932ع کان 1947ع تائين تنقيدي تبصرا شايع ڪيا. 1932ع ۾ ‘سنڌو’ رسالي ۾ ڀڳواني ٻائيءَ جي ڪتاب ‘ڌيرج ڀڄناولي ’ تي آغا صوفيءَ جو ‘سمالوچن’ (يعني تنقيد) وارو مضمون ڇپيو، جنهن ۾ هن جي راءِ هئي ته “شاعره جي شعر جي خاص خوبين ۾ سلاست ۽ تجنيس حرفيءَ مان قدرتي طبع جي رواني ثابت ٿئي ٿي.” ساڳئي سال ‘سنڌوءَ’ ۾ شيوارام لالا جي پاران ڪشنچند بيوس جي ڪتاب ‘گرونانڪ جيون ڪٿا’، منوهر داس جي افسانن جي ڪتاب ‘سروجني’ ۽ هڪ رسالي ‘صوفيءَ’ تي تنقيد شايع ٿي، جنهن ۾ گهڻو ڪري مواد ۽ متن تي لکيو ويو آهي. تنهن کانسواءِ ايني بيسنت ۽ هوتچند ڏيئل مل جڳتياڻيءَ جي ترجمو ڪيل ‘اسلام جو پيغمبر’ ۽ نارائڻداس ملڪاڻيءَ جي ڪتاب ‘جيلي جيوت’ تي تنقيد ڪئي وئي. ٽهلرام وڪيل جي ترجمي ‘ڏهه اپنشد’ تي جهامنداس ڀاٽيا اها تنقيد ڪئي ته مترجم اوپرا ۽ غير سنڌي لفظ استعمال ڪيا آهن. هڪ پرچي ۾ ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي ڪتاب ‘شري سکمنيءَ جو سنيهو’، نرملداس گربخشاڻيءَ جي ڪتابن ‘ساڌو نولراءِ جو مختصر جيون چرتر’ ۽ ‘راجا رام موهن راءِ جو جيون چرتر’ وغيره تي تنقيدي رايا ڏنا ويا. پروفيسر نرملداس جي ڪتاب ‘مهارشي ديوندرناٿ ٽئگور’ ۽ ‘برهمانند ڪشن چندرسين جو جيون چرتر’ تي تبصرا شايع ٿيا. اڳتي هلي هڪ تنقيدي خط ۾ لکميچند ڪاڪا، آسانند مامتورا جي افساني ‘هي پريم’ تي ٽيڪاٽپڻي ڪري، ان تي شديد نڪته چيني ڪئي. هن رسالي ۾ مختلف سالن ۾ ڇپيل ڪجهه اهم تنقيدي تبصرن ۾ ٽهلرام آسوديمل جي ڪتابن ‘سنڌ جا سنت’ ۽ ‘سنڌ جا مڻيا’ تي تفصيلي تنقيدي تبصرا ڇپيا. درسي ڪتابن تي تنقيد جي سلسلي ۾ تولارام سوڀراج جا تبصرا ڇپيا. ڀيرو مل مهرچند جي تنقيدي مضمون ‘سنڌي ۽ سنڌي لغت’ ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي جي تحريرن تي تنقيد ڪيل آهي.
گُلي ڪرپلاڻيءَ طرفان جواهرلعل نهروءَ جي ڪتاب ‘پيءُ جا ڌيءَ ڏانهن خط’ جي ترجمي، صاحبسنگهه شهاڻيءَ جي ٿامس هارڊيءَ جي ڪتاب جي ‘بلو کوکر’ نالي سان ترجمي تي تنقيدي تبصرا پڻ شايع ٿيا. 1935ع ۾ هن رسالي ۾ محمد صديق ميمڻ تنقيدي مضمون ‘قاضي قادن جا بيت ۽ سيد عبدالڪريم جو شعر’ ۾ انهن شاعرن جي گهڻي تحسين ڪئي آهي ۽ سندن شاعراڻين خوبين تي راءِ ڏني آهي. ڀيرو مل مهرچند جي مٿي ڄاڻايل تنقيدي مضمون جي جواب ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي جو مضمون ‘سنڌي لغت تي رايا’ جي عنوان سان پڻ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن پنهنجي بچاءَ سان گڏ ڀيرو مل تي سخت تنقيد ڪئي آهي. هنن تنقيدن جي روشنيءَ ۾ ان دور جي علمي ادبي ماحول جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. 1936ع ۽ ان کانپوءِ جي ڪجهه پرچن ۾ علمي ادبي تنقيدي مضمونن ۾ اهم مضمون هن ريت آهن:
پروفيسر لعل سنگهه اجواڻي: ‘ساهتيه ۽ ٻولي- ضروري ويچار’، ڊاڪٽر دائودپوٽو: ‘برٽن صاحب جي سنڌي ساهتيه تي نظر’، حڪيم
فتح محمد سيوهاڻي: ‘سنڌيءَ ۾ نظم ۽ نثر’ ۽ ڀيرو مل ڊاڪٽر دائودپوٽي کي تنقيدي جواب لکيا، جن ۾ تخليق، بحر وزن، تجربن، مشاهدن جي اهميت تي لکيو ويو. ديوان ڏيارام گدومل جي ڪتاب ‘چابڪ (من لاءِ) ۽ رهاڻ’ جي تعارف ۾ ان کي سنڌيءَ جو پهريون بلئنڪ ورس (Blank verse) يعني بي قافيه نظم قرار ڏنو ويو ۽ ان جي ٻوليءَ کي پڻ ساراهيو ويو.
هن ئي دور ۾ رام پنجواڻيءَ، لاڙڪاڻي جي شاعر نياز علي ‘نياز’ تي تنقيدي ليک لکيو، جنهن ۾ هن تعارفي تنقيد کان ڪم وٺندي، سندس شاعريءَ تي تبصرو به ڪيو. شيخ ساز علي ‘ساز’ جو هڪ مضمون ‘سنڌ جا اڳوڻا شاعر’، شاهه لطيف ۽ سچل جي شاعريءَ جي تقابلي جائزي تي مشتمل هو. ساڳئي ليکڪ مضمون ‘سنڌ جا زندهه شاعر’ ۽ ‘سنڌ جا ايندڙ شاعر’ به اهم آهي. هن ميدان ۾ مولائي شيدائيءَ جو مضمون ‘شاهه جو رسالو’ ۽ رام پنجواڻيءَ جو ‘علي محمد قادريءَ جي شخصيت، فن ۽ فڪر جو جائزو’ اهم تنقيدي تبصرا آهن.
1938ع کان لڳاتار ڪيترائي مهينا ‘سنڌو’ رسالي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي تي تنقيدي مضمون شايع ٿيندا رهيا، جن ۾ ڄيٺمل پرسرام جي تنقيدي مضمونن کان سواءِ
ڀيرو مل مهرچند جي اٺن قسطن ۾ رسالي جي لغت جي حوالي سان سخت تنقيد ملي ٿي. ان کانسواءِ پڙهڻين، ويدانت جي موضوع ۽
دوهي جي استعمال وارن عنوانن تي پڻ راءِ ڏني وئي هئي. ٻئي طرف سچل جي ڪلام تي محمد صديق ميمڻ جا مضمون به شايع ٿيا، جن ۾ ‘سچل فقير يا سچل سرمست’ ۾ سچل جي ڪلام جو فني ۽ فڪري جائزو ورتل آهي.
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، سنڌي تنقيد جي هن ابتدائي دور ۾ تمام اهم نقاد هو، جنهن عروضي شاعرن مان خليفي گل محمد تي هڪ تنقيدي مضمون لکيو، جنهن جو عنوان هو ‘خليفو گل محمد گل ۽ ديوانِ گل’؛ جنهن ۾ هن سندس فن ۽ فڪر تي کليءَ دل سان لکيو ۽ ان جي خوبين ۽ خامين جي نشاندهي ڪئي.
چاليهن جي ڏهاڪي ۾ به ‘سنڌو’ رسالي تنقيدي ڪردار نڀايو
۽ تيرٿ وسنت، ڀيرو مل مهرچند ۽ گُلي سدارنگاڻيءَ جي ڪتابن:
‘جواهر جيوني’، ‘عالمن جو احوال’ ۽ ‘اتحاد’ (گُلي سدارنگاڻيءَ جي) ناول تي مختصر تبصرا شايع ڪيا.
هن ڏهاڪي ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ناول ‘رنگ محل'>ڏاهري رنگ محل’ تي تنقيد ڪئي وئي. ان کانسواءِ پروفيسر شيوارام جي ‘راج رشي ڏيارام’: ٽهلرام وڪيل جي ’ڏکن پٺيان سک‘، چندو لعل جئسنگهاڻيءَ جي ناول ‘زندهه دل’ تي به تنقيدي تبصرا شايع ٿيا. منگهارام ملڪاڻيءَ جو تنقيدي ليک ‘هن سال جا ٻه مکيه ناول’ 1943ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ هن رام پنجواڻيءَ جي ناول ‘قيدي’ ۽ نارائڻ ڀنڀاڻيءَ جي ناول ‘وِڌوا’ تي معياري علمي ادبي تنقيد ڪئي. آسانند مامتورا پڻ ‘سچل تي فني فڪري تنقيد’ وارو ليک لکيو. ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو مضمون ‘ساميءَ جي سلوڪن ۾ تشبيهون’ ٻن قسطن ۾ شايع ٿيو. ورهاڱي کان هڪ سال اڳي هن رسالي ۾ ڀيرو مل مهرچند ‘اعرابن بابت ويچار’، منگهارام ملڪاڻيءَ جي جواب ۾ لکيو. ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي ڪاليداس جي ترجمي ‘شڪنتلا’ تي تبصرو ۽ لوڪو مل ڪيسواڻيءَ جي ڪتاب ‘سنڌي شعر جي ڪسوٽيءَ’ تي گڏيل تنقيد شايع ٿي.
ورهاڱي کان اڳ ‘سنڌو’ رسالي کانسواءِ جن ٻين رسالن ۽ اخبارن تنقيدي ادب ڇاپڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، تن ۾ ‘هندو’، ‘سنڌڙي’، ‘الوحيد’، ‘هندو سنسار’ اخبارون ۽ ‘اديب سنڌ’ رسالو اهم آهن. ‘اديب سنڌ’ ۾ 1939ع ۾ لطف الله بدويءَ، ڊاڪٽر دائودپوٽي تي ‘بيان العارفين’ جي حوالي سان ٿيل تنقيدن جو جواب ڏنو. ان کان سواءِ هن رسالي ۾ جمع ’خان غريب‘ جا تنقيدي ليک ڇپجندا هئا، جن ۾ ‘بغير رو رعايت’ جي مستقبل عنوان هيٺ مختلف شاعرن جي ڪلام تي تنقيدي تبصرا شامل هئا، جن ۾ ڪلام جي ٻوليءَ، گرامر ۽ شعري خوبين خامين وغيره تي تنقيد ٿيل هئي. حاجي محمود ‘خادم’ ۽ مراد علي ‘ڪاظم’ جو مباحثو تنقيدي حوالي سان شايع ٿيو. هن ئي رسالي ۾ ‘الوحيد’ ۽ ‘قرباني’ اخبارن جي ٻوليءَ تي تنقيد پڻ ملي ٿي. ان کانسواءِ اخباري، ڪتابي ۽ درسي تنقيد جي سرن سان به تبصرا شايع ٿيا. ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ تي قسطوار تنقيدي تبصرا ڪيا ويا. بيوس جي شاعريءَ تي 1943ع ۾ غلام محمد گراميءَ جو تنقيدي مضمون تمام سخت هو، جنهن ۾ هن بيوس جي ڪلام کي ‘علم عروض جي دائري مان خارج’ چيو ۽ منجهس ٻين شاعراڻين خوبين جو فقدان ڄاڻايو. بيوس جي ڪتاب ‘شعر '>شيرين شعر ’ تي به هن نڪته چيني ڪئي. 1947ع ۾ ‘اديب سنڌ’ جو هڪ پرچو خاص تنقيد جي حوالي سان شايع ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر ابراهيم خليل ۽ محمد بخش ‘واصف’، جمع خان ‘غريب’ تي تنقيد ڪئي ۽ عبدالله چنا ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ‘شاهه جي رسالي’ تي تنقيد ڪئي. هن ئي رسالي جي پرچن ۾ عطا محمد حاميءَ جون مختلف شاعرن تي تنقيدون شايع ٿيون، جن جي جواب ۾ سليم ڳاڙهويءَ به لکيو ۽ اهو سوال جواب جو سلسلو ڪجهه وقت هليو. هن رسالي ۾ رشيد احمد لاشاريءَ به ڪيترن شاعرن تي تنقيدي تبصرا لکيا.
تنقيدي ڪتاب: اصولي تنقيد جو پهريون باقاعدي ڪتاب ‘ميزان الشعر’ سيد محمد فاضل شاهه ‘فاضل’ جو (1875ع ۾ شايع ٿيل) آهي. هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ علم عروض جي قاعدن ۽ ضابطن بابت چڱي ڄاڻ ڏئي ٿو. ان ۾ شعر جي جدا جدا نمونن جوڙڻ بابت سمجهاڻيون ڏنل آهن ۽ مختلف صنفن لاءِ مثالن سان وضاحتون ڪيل آهن.
اهڙو ئي هڪ ڪتاب مرزا قليچ بيگ ‘انشاء سنڌي’ لکيو هو، جنهن ۾ سنڌيءَ ۾ خط ڪتابت جي فن جا قاعدا مثالن سان سمجهايل هئا. هن ڪتاب جي اصولن موجب نثر جي لکڻ ۽ ان جي پرک لاءِ مدد ملي سگهي ٿي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ‘تنقيد’ جي ابتدا مير عبدالحسين سانگيءَ ڪئي، جنهن ‘لطائف لطيفي’ نالي فارسيءَ ۾ ڪتاب لکيو، جيڪو قلمي صورت ۾ هو، مرزا قليچ بيگ به ان تان مدد ورتي هئي.
مرزا قليچ بيگ، شاهه لطيف بابت ڪتاب ‘احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي’ 1887ع ۾ انگريزيءَ ۾، ۽ پوءِ 1897ع ۾ سنڌيءَ ۾ لکيو. هن ڪتاب جو بنيادي ذريعو مير عبدالحسين سانگيءَ وارو مواد هو، جيتوڻيڪ هي ڪتاب مرزا قليچ بيگ سانگيءَ کان پوءِ لکيو هو، پر منظرعام تي اڳ ۾ آيو. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو باقاعدي تنقيدي مواد ملي ٿو ۽ چئي سگهجي ٿو ته سنڌيءَ ۾ نثر جي ٻين صنفن وانگر ‘عملي تنقيد’ جي باقاعدي ابتدا به مرزا قليچ بيگ ڪئي. تنقيدي مواد ۾ شاهه جي رسالي جي جُڙڻ، جدا جدا ڇاپن تي راءِ، ڪلام جي خاصيت، شعر جي قسم ۽ ان جي نموني، سُرن جي جوڙجڪ، رسالي جي ڀاڱن، شعر جي ماهيت سان گڏ شاهه جي ڪلام جي حافظ شيرازيءَ سان ڀيٽ، شعر جون معنائون، تصوف جا خاص نڪتا ۽ قرآن شريف ۽ حديثن
مان شاهديون، مختلف سُرن ۾ موجود مضمونن ۽ موضوعن تي رايا به ڏنل آهن.
ساڳئي دور ۾ هڪ اهم ڪتاب ‘ساميءَ جا سلوڪ’ ڇپيو، جيڪو ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ، پهريون ڀيرو 1885ع ۾ ڇپايو، جنهن جو ديوان ڏيارام گدو مل ‘ساميءَ جي سلوڪن جو تاتپرج’ عنوان سان مهاڳ لکيو. تاتپرج ۾ سلوڪن اندر موجود فلسفي جي روشنيءَ ۾ هن ساميءَ جي سلوڪن ۾ بيان ٿيل انساني دشمنن: ڪام، ڪروڌ، موهه، مايا ۽ لوڀ وغيره کان پاڻ بچائڻ جي اهميت کي چٽو ڪيو ۽ ساميءَ جي وديا يا علم جو تت ڏنو.
شاهه لطيف تي ان کانپوءِ اهم ڪتاب ‘شاهاڻو شاهه’ لعلچند امرڏنيمل جڳتياڻيءَ 1914ع ۾ ‘سنڌي ساهت سوسائٽيءَ’ طرفان ڇپرايو. هن ڪتاب بابت منگهارام ملڪاڻيءَ جي راءِ آهي ته “هي پهريون ڪتاب هو، جنهن ۾ خيال خواه عبارت جي لحاظ کان تور تڪ ڪيل هئي. شاهه صاحب جي ڪلام جون خوبيون ۽ خاصيتون جدا جدا فڪرن ۾ ڦولهي سمجهايل هيون ۽ هرهڪ خوبيءَ لاءِ ڳپل سلسليوار حوالا پڻ شاهه جي بيتن مان ڏنل هئا، جنهنڪري هي ڪتاب پڙهڻ مان پهريون دفعو مغربي تنقيد جي طريقي جو ساءُ پئي آيو.”
لالچند امرڏنيمل ساڳيءَ ‘ساهت سوسائٽيءَ’ پاران 1916ع ۾ ‘سونهارو سچل’ ۽ 1917ع ۾ ‘بيرنگ باغ جو گل سنڌي’ نالي ڪتاب ڪڍيا، جن ۾ ٿورو گهڻو شاعرن جي ڪلام تي به اظهار خيال هو. ‘سونهارو سچل’ ۾ هن شاهه ۽ سچل جي ڀيٽ به ڪئي ۽ شاهه جي انداز کي ‘ڌيمو ۽ ماٺيڻو’ سڏيو ۽ سچل کي ‘گهڻو جوشيلو’، شاهه کي ‘شينهن’ ۽ سچل کي ‘شڪرو شهباز’ ڪوٺيو اٿس.
ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ 1915ع ۾ ‘شاهه ڀٽائيءَ جي حياتي’ نالي ڪتاب ڇپايو، جنهن ۾ گهڻو ڪري شاهه جي زندگيءَ جو احوال ۽ سندس صوفياڻي فلسفي جي اپٽار ٿيل هئي، جڏهن ته ڄيٺمل پرسرام هڪ ٻيو ڪتاب ‘سچل سرمست’ 1922ع ۾ لکيو ۽ ان ۾ شاعر توڙي سندس شاعريءَ جي باري ۾ باقاعدي تنقيد ڪئي. هن سچل جي ڪلام کي سُرن ۾ ورهايو. هن ‘ڀيٽاڀيٽي قسم جي تنقيد’ (Comparative criticism) ڪئي، جنهن ۾ سچل، حضرت عيسيٰ ۽ پتنجلي وغيره جي فلسفي کي ڀيٽي ‘آهيان، ناهيان’ وارو نڪتو سمجهايو. اهڙيءَ ريت وحدت الوجود جي فلسفي کي مختلف حوالن سان ڀيٽي نتيجو ڪڍڻ جي روايت پئي.
ائين سنڌي ٻوليءَ ۾ تـنقـيد جو سلسلـو وڌندو رهيو ۽ اها شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي ‘وڏائي ۽ عظمت’ چئجي، جو ان سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم سندس حوالي سان ئي ٿيو.
اهو تنقيدي سلسلو عروج تي تڏهن پهتو، جڏهن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ (1884-1947ع) شاهه صاحب جي رسالي جا ٽي جلد ڇپرايا جن مان پهريون جلد 1923ع، ٻيو جلد 1924ع ۽ ٽيون جلد 1931ع ۾ شايع ٿيو ۽ انهن جو عالماڻو مقدمو (‘مقدمه لطيفي’: 1936ع) لکيائين، جيڪو
شاهه تي ٿيل تنقيدن ۾ سڀ کان وڌيڪ ‘علمي، اصولي ۽ عملي تنقيد’ جو مظاهرو هو. اهو مقدمو پوءِ ‘مقدمهء لطيفي’ جي عنوان سان جدا ڪتابي صورت ۾ به ڇپيو. هن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ باقاعدي تجزياتي (Analytical) انداز ۾ شاهه جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن تي تنقيدي نظر وجهي لکيو.
ٻين تنقيدي ڪتابن ۾، گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي جي پهرئين جلد (1923ع) تي تنقيدي ڪتاب ‘سنڌي ساهت جو خزانو’ ڇپيو. 1925ع ۾ محمد بخش واصف جي ‘شرح لطيفي’ شايع ٿي. 1933ع ۾ آغا غلام نبي صوفيءَ ‘سچل سرمست’ نالي رسالو ڇپرايو،
ان ۾ سندس ڪلام جي تشريح ڪيائين. 1936ع ۾ محمد صديق ‘مسافر’ جو ‘قرب قليچ’ ڇپيو، جنهن ۾ مرزا صاحب جي ڪتابن ۽ لکڻين جو تنقيدي جائزو ورتو. سندس مرتب ڪيل ٻيو ڪتاب ‘ديوان فاصل’ هو، جنهن ۾ هن فاضل شاهه ‘فاضل’ جي ڪتاب جي ‘ادبي ڇنڊڇاڻ’ ڪئي. ساڳئي سال محمد صديق ميمڻ جي ‘سنڌ جي ادبي تاريخ’ ڇپي، جنهن ۾ مختلف شاعرن جي ڪلام ۽ عبارت تي ٽيڪاٽپڻي ڪئي وئي. هن ئي سال ڊاڪٽر دائودپوٽي ‘شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام’ ڇپرايو، جيڪو تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب آهي. 1939ع ۾ ‘ابيات سنڌي’ مرتب ڪيائين، جنهن ۾ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جو تنقيدي اڀياس ڏنائين. 1940ع ۾ ‘بيدل جو رسالو’ گدو مل هرجاڻيءَ مرتب ڪيو، جنهن ۾ هن بيدل جي ڪلام تي روشني وڌي. 1941ع ۾ ڀيرو مل جو ڪتاب ‘سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ’ شايع ٿيو.
شاعريءَ جي ڪتابن تي تنقيد جي سلسلي سان گڏ پهريون ڀيرو 1925ع ۾ هڪ نثر جي ڪتاب تي تنقيد ڪئي وئي، جيڪو لعلچند امرڏني مل جو انگريزيءَ مان ترجمو ٿيل هڪ ناول هو. نقاد ڄيٺمل پرسرام، ڪتاب جي ٻوليءَ جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ اُن کي سولي ۽ سلوڻي سڏيو. گڏوگڏ ڪهاڻيءَ جي مقصديت ۽ دردمنديءَ جي به ساراهه ڪيائين. ڪردار نگاريءَ جي حوالي سان به هن کي هن ناول ۾ گهڻيون خوبيون نظر آيون.
1942ع ۾ ‘سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ’ طرفان
‘ڀٽائي گهوٽ جي ورسيءَ’ جي عنوان سان ڇپيل ڪتاب ۾ شاهه جي ڪلام تي ڪيترن اديبن تنقيدي مضمون شايع ڪيا. 1943ع ۾
لطف الله بدويءَ جي ڪتاب ‘تذڪره لطيفيءَ’ جو پهريون جلد ڇپيو، جنهن ۾ تاريخ سان گڏ تنقيدي مواد موجود آهي. ان کانپوءِ لڳاتار ايندڙ ڪتابن ۾ سليم هالائيءَ جو ‘تذڪره شعراء هالا’، نارائڻداس ڀنڀاڻيءَ جو ‘شاهه جون سورميون ’ ، پروفيسر ڪيسواڻيءَ جو ڪتاب ‘شعر جي ڪسوٽي'>سنڌي شعر جي ڪسوٽي’ 40 جي ڏهاڪي جا اهم تنقيدي ڪتاب ڇپيا. ڊاڪٽر ابراهيم خليل، ڪيسواڻيءَ جي جواب ۾ ‘ڪيسواڻيءَ جي ڪسوٽي’ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن ڪشنچند بيوس کان بهتر شاعر ليکراج ‘عزيز’ کي قرار ڏنو.
ورهاڱي کان اڳ لکيل انهن تنقيدي ڪتابن سنڌي ادب ۾ تنقيدنگاريءَ جو بنياد وڌو.
ورهاڱي کانپوءِ تنقيد: ورهاڱي کانپوءِ جن رسالن سنڌ ۾ ادبي تنقيد جي حوالي سان اهم مضمون شايع ڪيا، انهن ۾ سرفهرست ‘مهراڻ’ ۽ ‘ماهوار نئين زندگي ’ آهن. گڏوگڏ ‘اديب سنڌ’ ۾ به ليک ڇپجندا رهيا. 1947ع کانپوءِ ‘بغير رو رعايت’ جي عنوان سان رسالي ‘اديب سنڌ’ ۾ ڇپجندڙ شاعريءَ تي تنقيدي تبصرا 50 جي ڏهاڪي تائين جاري رهيا. ان کانسواءِ هن رسالي ۾ جمع خان ‘غريب’ جي ڪتاب ‘رسومات تباهي’ ۽ فيض حيدريءَ جي شاعريءَ تي تنقيدون شايع ٿيون. ان کانپوءِ 1950ع کان ‘نئين زندگي ’ رسالي جي مختلف پرچن ۾ تمام گهڻو تنقيدي مواد ڇپيو. پير علي محمد راشديءَ ۽ علامه دائودپوٽي، شاهه لطيف تي ۽ عبدالعلي قلباڻيءَ ماموئي فقيرن ۽ ٻين آڳاٽن شاعرن تي روشني وڌي. ان کانسواءِ مولانا دين محمد وفائيءَ تنقيدي تحقيقي ۽ تاريخي مقالو ‘سنڌي زبان جي مختصر تاريخ’ لکيو. ساڳئي وقت آغا تاج محمد ‘سنڌ جا قديم نثر نويس’ جي عنوان سان ۽ زيب عاقليءَ ‘سچل سرمست جي سوانح’ نالي سان سوانحي تنقيدي مضمون لکيا. ٻيا اهم مضمون ۽ مضمون نگار، جن جو تنقيد سان واسطو رهيو، تن ۾ علامه دادپوٽي جو مضمون قاضي قادن، شيخ عبدالرحيم گرهوڙي، ۽ لطيف جي ڪلام جو مطالعو، الله بچائي سمي جو ‘لاڙ ۾ سنڌي شاعري’، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰءَ جو تنقيدي مضمون ‘خيرپور جا صوفي شاعر’ جي عنوان سان سچل تي لکيل ڇپيو. لطف الله بدويءَ جا شاهه لطيف جي شاعريءَ تي مضمون به ڇپيا ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ‘عام سنڌي شاعري’ تي ۽ سرشار عقيليءَ ‘ابوالحسن سنڌيءَ جي علمي حيثيت’ تي مضمون لکيا. مير عبدالحسين سانگيءَ تي آغا تاج محمد ۽ ‘ڪبير، شاهه ۽ شيخ ابراهيم’ تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا اهم مضمون به هن دور ۾ ڇپيا.
هن دور ۾ هند ۾ ‘نئين دنيا’ نالي رسالي ۾ به چڱو تنقيدي مواد ڇپيو، جنهن ۾ رام پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ، پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ، هري دلگير، نارائڻ شيام، ڪلياڻ آڏواڻيءَ ۽ گوبند مالهيءَ جي لکڻين تي تنقيدي تبصرا شايع ٿيا. ان کانسواءِ سندري اتمچنداڻي ۽ موهن ڪلپنا جي ناولن ۽ گوبند مالهيءَ جي ترجمن تي تبصرا لکيا ويا.
1955ع کانپوءِ ‘مهراڻ’ جي ٽماهي اشاعت پنهنجي اهميت ادبي دنيا ۾ مڃرائي. هن رسالي جي پهرئين پرچي ۾ جهمٽمل خوبچند ڀاوناڻيءَ جي ڪتاب ‘سنڌي شعر’ تي تبصرو شايع ٿيو. ان کانپوءِ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي ڪتاب ‘سامي’ تي علمي تنقيد ڪئي وئي ۽ جي ايم سيد جي ڪتاب ‘پيغام لطيف’ تي اداري پاران تنقيدي جائزي ۾ هڪ هڪ باب ۾ شامل مواد ۽ موضوع تي عالمانه انداز ۾ لکيو ويو، ان سان گڏ لطف الله بدويءَ جي ‘تذڪره لطفيءَ’ تي به تبصرو ڪيو ويو. مخدوم امير احمد جي ‘فتح نامو عرف چچ نامو’ (تاريخ)، مخدوم طالب الموليٰ جي ‘منطوق محمدي’ (محمد فقير کٽياڻ جي ڪلام)، شيخ اياز جي ‘پنهل کانپوءِ’ (ڪهاڻيون)، شيخ عبدالرزاق ‘راز’ جي ‘ڊاڪ بنگلو’ (ڪهاڻيون) تي مولانا گراميءَ جا تبصرا ۽ تنقيدون شايع ٿيون. ان کانپوءِ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ شيخ عبدالحليم جوش به ڪيترا تبصرا ڪيا، محمد عثمان ڏيپلائيءَ پڻ پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ مختلف ڪتابن تي تنقيد ڪئي. محمد ابراهيم جويي پڻ هڪ اهم نقاد ۽ تبصري نگار طور مختلف ڪتابن تي تبصرا ڪيا، خاص ڪري رسالي ‘شاعر’ تي سندس لکيل تنقيد جي جواب ۾ غلام محمد گرامي (غ. م. گ) تيز ۽ ترش تنقيد ڪئي.
اهڙيءَ ريت سنڌي ٻوليءَ ۾ رسالن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ پنجاهه، سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن ۾ ڀرپور نموني تنقيدي ادب شايع ڪيو. نقادن ۾ تنوير عباسي، سراج، ڊاڪٽر ابراهيم ‘خليل’، منظور نقوي، احسان بدوي، انيس انصاري، اي. جي. اتم، عبدالواحد سنڌي، رشيد آخوند، رشيد احمد لاشاري، محمد ابراهيم جويو، قربان بگٽي، عبدالجبار جوڻيجو، الهداد ٻوهيو، شمس الدين عرساڻي، ظفر حسن، شمشيرالحيدري، ولي رام ولڀ، قاضي خادم اهم نقاد رهيا.
سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت ڊاڪٽر بلوچ ۽ سراج جو تنقيدي تحقيقي بحث به هن دور ۾ ٿيو. ان کانسواءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ‘سومرن جي دور جي شاعري’ ۽ تنوير عباسيءَ جو ‘جديد سنڌي شاعري’ پڻ هن دور جا اهم تنقيدي مقالا هئا. رشيده حجاب ‘نئين زندگيءَ’ ۾ شايع ٿيل افسانن تي تنقيدي مضمون 1960ع ۾ لکيا. سٺ جو ڏهاڪو سنڌي ادب لاءِ وڏي هلچل وارو هو. ان ۾ خاص ڪري مهراڻ، نئين زندگي ۽ ‘نئين دنيا جو ڪردار’ ساراهه جوڳو آهي. ان کانپوءِ حميد سنڌيءَ جو روح رهاڻ، طارق اشرف جي ‘سهڻي’، مدد علي سنڌيءَ جي ‘اڳتي قدم’ ۽ ڪجهه ٻين رسالن به اهم تنقيدي مضمون شايع ڪيا.
جيڪڏهن گذريل پنجاهه- سٺ سالن تي نظر ڦيرائبي ته تنقيد ۽ تنقيد نگاريءَ بابت هيٺيان ڪتاب ۽ نقاد اهم نظر ايندا:
1948ع ۾ ڊاڪٽر شيخ ابراهيم ‘خليل’ جو ڪتاب ‘رهنمائي شاعريءَ’ جو ٽيون ڀاڱو ڇپيو، جنهن ۾ شعر جي فني رخن تي روشني وڌي وئي.
ان کان اڳ ‘رهنمائي شاعريءَ’ جي پهرئين ڀاڱي جي بيان ٽئين ۾
شعر و شاعريءَ جي خلاف ٿيل ڪجهه ڳالهين جو تنقيدي جواب ۽ چوٿين بيان ۾ شعر و شاعريءَ جي اثر کي مثالن سان بيان ڪيو ويو آهي. ان پهرئين ڀاڱي جو ٻيو ڇاپو وري 1956ع ۾ ڇپيو.
هن ئي ڏهاڪي ۾ ليکراج عزيز جو لکيل ڪتاب ‘گل و خار’
ممبئيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن ۾ سنڌي شعر تي باقاعدي تنقيدي قلم کنيو ويو. پهرين معيار مقرر ڪري، پوءِ خاڪي، بيوس، دکايل، ضيا، دلگير، شيام، سائل، گمنام، تلسي، رام پنجواڻي، ارجن شاد، سڳن آهوجا، آنچل، موتي پرڪاش، ڪرشن راهيءَ جي شاعريءَ جي پرک ڪئي وئي.
1949ع ۾ جي ايم سيد جو مشهور ڪتاب ‘پيغام لطيف’
ڇپيو، جنهن ۾ شاهه لطيف جي ڪلام جي موضوعاتي پرک نئين انداز ۾ ڪئي وئي.
1954ع ۾ غلام محمد شاهواڻيءَ جو ڪتاب ‘ادبي اصول’ ڇپيو، هي ڪتاب چئن بابن تي مشتمل هو، باب پهرين ۾ ادب جي وصف، ادب جي پيدائش، ادبي صداقت، ادبي ڪتابن جا موضوع، اديب جو خصوصيتون، ادبي ڪتاب جون خصوصيتون، ادبي ڪتابن پڙهڻ مان فائدا، باب ٻئي ۾ شعر جي وصف، شعر ۽ سائنس جي ڀيٽ، شعر جو لباس، محاڪات ڪيئن پيدا ڪري سگهجي ٿي، تخيل ڪيئن ڪم اچي ٿو، شعر جو سينگار، باب ٽئين ۾ نثر جا قسم، نثر جون خوبيون، ۽ باب چوٿين ۾ تنقيد جي قلت ۽ قسم، تنقيدنگاريءَ مان فائدا، نقاد ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن وغيره.
1956ع ۽ 1964ع ۾ ‘مهراڻ جون موجون’ (مرتب: پير حسام الدين راشدي)، نئين زندگيءَ ۾ 1950ع کان 1956ع تائين ڇپيل مقالن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جن ۾ تاريخ، سر ۽ سفر، سوانح ۽ ادب جي صنفن مان افسانوي، ڪافيءَ وغيره جي مقالن کانسواءِ گيت ۽ نظم وغيره شامل آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻولي، شاهه، قاضي قادن، عبدالرحيم گرهوڙيءَ سميت ٻين ڪيترن موضوعن تي تنقيدي مقالا موجود آهن.
1962ع ۾ ‘مهراڻ جون ڇوليون ’ (مرتب: ثميره زرين)، نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل اهم افسانن جو مجموعو ڇپيو، جنهن جو مقدمو هڪ تنقيدي مقالو آهي، جيڪو سنڌي افساني تي روشني وجهڻ سان گڏ انهن افسانه نگارن جي افسانن تي تنقيدي حوالي سان لکيل آهي، جن جا افسانا هن ۾ شامل آهن.
1964ع ۾ غلام محمد گراميءَ جو طويل مقالو ‘مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات’ منظرعام تي آيو، جنهن ۾ مشرقي شاعريءَ جي قدرن موجب شيخ اياز تي ٿيل تنقيد جو جواب هو.
1965ع ۾ ليکراج ڪشنچند عزيز جو ڪتاب ‘سامي’ اهم تنقيدي ڪتاب، ممبئيءَ مان ڇپيو، جنهن ۾ ساميءَ جي شاعريءَ جي مختلف پهلوائن تي روشني وڌي وئي آهي، جن ۾ ويدانت، سانگي، تصوف، سنڌي ٻولي، سلوڪن جو سار وغيره شامل آهن.
1965ع ۾ شمس الدين عرساڻيءَ جو ڪتاب ‘سنڌي ادب ۽ تنقيد’ شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌي ادب ۾ تنقيد، نقاد ۽ سماجي مسئلن تي ڀرپور روشني وڌي وئي آهي، هي واڌارن سان بعد ۾ به ڇپجندو رهيو آهي.
1965ع ۾ ئي نامور نقاد احسان بدويءَ، مير عبدالحسين سانگيءَ جي شخصيت، فن ۽ ڪلام بابت ڪتاب ‘سانگي’ لکيو، جنهن ۾ هن سانگيءَ جي غزلن جي انتخاب سان گڏ سنڌي غزل جي شروعات، شاعر جي سوانح حيات سان گڏ سندس شاعريءَ تي تنقيدي نظر وڌي.
ورهاڱي کان اڳ جي رسالن تي نظر وجهڻ سان جيئن محسوس ٿئي ٿو ته تنقيد جي ميدان ۾ هندو اديبن ڀرپور حصو ورتو، تيئن ورهاڱي کانپوءِ هندستان لڏي وڃڻ کانپوءِ به هنن اها روايت قائم رکي ۽ 1948ع کان 2013ع تائين تنقيدي ڪتابن تي نظر وجهڻ سان محسوس ٿيندو ته هنن اتي سنڌ جي نقادن ۽ اديبن کان وڌيڪ لکيو آهي ۽ ڪتاب ڇپايا آهن ۽ سنڌي ادب ۾ ايندڙ هر نئين روايت ۽ تبديليءَ کي ڇنڊي ڇاڻي ادب کي نئين راهه ڏسي آهي.
1966ع ۾ منگهارام ملڪاڻيءَ جو ڪتاب ‘سنڌي نثر جي تاريخ’ ڀارت ۾ ڇپيو، بعد ۾ 1977ع ڌاري حيدرآباد ۾ ان جو ٻيو ڇاپو شايع ٿيو. هيءُ ڪتاب، ادبي تاريخ ۽ تنقيد ۾ بنيادي ڪتاب چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. منگهارام ملڪاڻيءَ جا بعد ۾ ‘ورهاڱي کانپوءِ سنڌي نثر جو جائزو’ ۽ ‘آلوچنا- سمالوچنا’ عنوان سان پڻ تنقيدي ڪتاب ڇپيا.
1966ع ۾ شيخ عبدالرزاق ‘راز’ جو ڪتاب ‘تنقيد ۽ تجزيو
ڇپيو، جيڪو تنقيدي ادب تي هڪ اهم ڪتاب آهي.
1967ع ۾ نامياري نقاد رسول بخش پليجي جو ڪتاب ‘انڌا اونڌا ويڄ’ ڇپيو. هيءُ ڪتاب ون يونٽ واري دور ۾ سنڌي ادب (خاص ڪري اياز) خلاف گمراهه ڪن مهم جي جواب ۾ مضمونن تي مشتمل آهي، جيڪي روزاني ‘خادم وطن’ ۾ ڇپيا هئا.
1970ع ۾ ڪتاب ‘سنڌي مرثيه نويسي’ غلام رسول بلوچ جو ڇپيو، جنهن ۾ نه صرف مرثيي جي تاريخ، اردوءَ ۾ مرثيه نگاري ۽ سنڌيءَ ۾ مرثيي جي روايت تي روشني وڌي وئي ۽ سنڌي مرثيي جي قديم ۽ جديد دور جي شاعرن جي مرثين تي تبصرو ڪيو ويو آهي.
1971ع ۾ پروفيسر احسان بدويءَ جو ڪتاب ‘تنقيد ۽ تنقيدنگاري’ ڇپيو. 1971ع ۾ هرچند اجهل جو ڪتاب ‘سنڌي شاعريءَ جا پنجاهه سال’ الهاس نگر مان ڇپيو، جنهن ۾ ستر جي ڏهاڪي تائين هند ۾ لکندڙ شاعرن جي فن ۽ فڪر تي روشني وڌي وئي آهي.
1971ع ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جو ڪتاب ‘سنڌي علم، ادب/ اصول ۽ اهڃاڻ’ ڇپيو، جنهن ۾ تنقيدي پهلو اُجاگر ٿيل آهن.
1971ع ۾ ئي ڊاڪٽر ارجن شاد جو ڪتاب ‘بيوس ۽ نئون دور’ پڌرو ٿيو. 1972ع ۾ ‘ڪهاڻي ڪلا جو وڪاس’ جي عنوان سان لعل پشپ جو ڪتاب ڇپجي آيو، جنهن ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ بابت تنقيدي مواد شامل آهي. ساڳئي سال 1972ع ۾ لعل پشپ جو ٻيو ڪتاب ‘درشٽي ۽ درسني’ ڇپيو، جيڪو پڻ تنقيدي ادب جو اهم ڪتاب آهي.
1974ع ۾ اي. جي. اتم جو ‘ساهت ۽ ساهتڪار’ ممبئيءَ مان ڇپيو، جنهن ۾ هن ڀٽائيءَ، ساميءَ ۽ ڪاليداس تي تنقيدي مضمون شامل ڪيا ۽ ادبي موضوعن تي لکيو.
1975ع ۾ ‘نوان افق’ شيام جئسنگهاڻي عنوان سان جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي تنقيدي ڇنڊڇاڻ بابت ڪتاب ڇپيو، جنهن ۾ وشنو ڀاٽيا، ايشور چندر، موهن ديپ، برج موهن، ناري پدم، گورڌن تنوائي، آنند کيماڻي، هريش واسواڻي، هيري شِوڪاڻي، پريم پرڪاش ۽ شيام جئسنگهاڻي جي ڪهاڻين جو تنقيدي جائزو ورتل آهي.
1975ع ۾ نارائڻ ڀارتيءَ جو ڪتاب ‘شرت بابو’ الهاس نگر مان ڇپيو. هي ڪتاب شرت بابوءَ (بنگالي ليکڪ، جنهن جا ڪيترائي ناول ۽ ڪهاڻيون هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن). هن ڪتاب ۾
شرت بابوءَ جي ناولن ۽ ڪهاڻين تي تنقيدي اڀياس ڪيل آهي، جن مان ‘آزاديءَ جا اپاسڪ’، ‘وڏي دادي’، ‘ديوداس’ ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب شامل آهن.
1979ع ۾ ‘ناچڻيءَ جو جنم’ نالي ڪتاب غلام نبي ناشاد طرفان حيدرآباد مان ڇپرايو ويو، جنهن ۾ نجم عباسيءَ جي شخصيت ۽ ڪهاڻين تي ڪيترائي تنقيدي حوالي سان لکيل مضمون آهن، جن ۾ راشد مورائي، پارس حميد، حاجي خان ڪيريي، تاج جويي، مير محمد پيرزادي، حامد علي قريشيءَ ۽ ٻين جا لکيل مضمون شامل آهن.
1980ع ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جو ڪتاب ‘تنقيدون’ منظرعام تي آيو. ان ڪتاب ۾ مغرب جي تنقيدي لاڙن تي روشني وڌل آهي ۽ ان موجب ڪن سنڌي تحريرن جو جائزو ورتو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ خاص طور مارڪسي تنقيدي معيارن جي اپٽار هئي. ساڳئي ئي سال 1980ع ۾ منگهارام ملڪاڻيءَ جو ڪتاب ‘ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو مختصر تنقيدي جائزو’ ڇپيو.
1980ع ۾ ‘عزيز: شخص ۽ عالم’ نالي سان پوپٽي هيراننداڻيءَ جو ڪتاب ڇپيو. پوپٽيءَ جو ٻيو به ڪتاب ‘تنقيدي مضمون’ 1984ع ۾ ڇپيو.
1980ع ۾ ئي ممتاز مهر جو ڪتاب ‘ويچار’ ڇپيو، جيڪو پڻ اهم تنقيدي ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ ان وقت سنڌيءَ ڪهاڻيءَ ۾ آيل نون لاڙن موجب لکيل ادب تي تنقيد شامل هئي، جنهن ۾ ‘جديد شعور جو وهڪرو’ ۽ ٻيا لاڙا شامل آهن.
1980ع ۾ دهليءَ مان پرم ابيچنداڻيءَ جو ڪتاب ‘ست سار
ڇپيو، جيڪو ادب ۾ مختلف فلسفن، قدرن ۽ لاڙن تي روشني وجهي ٿو.
1981ع ۾ اي. جي. اتم جو ڪتاب ‘سنڌي ڪهاڻي، ناٽڪ ۽ تنقيد’، الهاس نگر ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سنڌي ناٽڪ جا سؤ سال، سنڌي ڪهاڻيءَ ۽ تنقيد شامل آهن.
1981ع ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جو ڪتاب ‘آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر’ ڇپيو، جنهن ۾ افساني جي حوالي سان تفصيلي بحث ٿيل آهي.
1981ع ۾ پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ جو ڪتاب ‘جائزو’ الهاس نگر مان ڇپيو، جنهن ۾ موهن ڪلپنا جي ڪهاڻين کانسواءِ ان دور جي ادب تي تنقيدي نظر وڌي وئي آهي.
1981ع ۾ مراد علي مرزا ‘ادبي تنقيد جا اصول’ ڪتاب ترجمو ڪيو، جيڪو اصل ‘پروفيسر ليسلي ايبرڪرامبيءَ’ جو ترجمو هو.
1981ع ۾ ‘پروفيسر رام پنجواڻي’ نالي ڪتاب (اڀينندن گرنٿ) چئن مرتبن: هري موٽواڻي، ٺاڪر چاولا، هوندراج ساجڻي ۽ ٻلديو مٽلاڻي سهيڙي، ممبئيءَ مان پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ رام پنجواڻيءَ جي شخصيت، ڪردار، ڪم ۽ ادبي يوگدان (حصي) تي ٽيهن کان وڌيڪ مضمون مختلف وڏن اديبن جي قلم مان نڪتل آهن، جيڪي سندس مڪمل پروفائيل کي نمايان ڪن ٿا.
1981ع ڌاري قربان علي بگٽيءَ جو ڪتاب ‘سيڻ مٽائين سون تي’ ڇپيو، جيڪو پير علي محمد راشدي ۽ سندس ڪتاب ‘اهي ڏينهن، اهي شينهن’ جي تنقيدي جائزي تي مشتمل آهي.
1982ع ۾ هريش واسواڻيءَ جو ترتيب ڏنل ڪتاب ‘شبد ۽ سنسڪرتي’ ممبئيءَ مان ڇپيو، جنهن ۾ سنڌي سماج ۽ تهذيب تي مقالن سان گڏو گڏ ڪجهه مقالا ادبي موضوعن تي تنقيدي انداز ۾ به لکيل آهن.
1982ع ۾ پوپٽي هيراننداڻيءَ جو ڪتاب ‘سنڌي مسلمان ڪوي ۽ سندن هنديءَ ۾ شاعري’، ممئبيءَ مان ڇپيو، جنهن ۾ لساني حوالي سان ڪيترن ئي شاعرن جي شاعريءَ جي پرک ڪئي وئي آهي ۽ منجهن هنديءَ جو اثر ڳوليو ويو آهي، انهن شاعرن ۾ شاهه، سچل، روحل، حمل، بيدل وغيره شامل آهن.
1983ع ۾ ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي ٿيسز ‘سنڌي غزل جي اوسر’ شايع ٿي، جنهن ۾ تنقيدي لحاظ کان سنڌي غزل جي اهم شاعرن جي غزلن جو جائزو ورتو ويو آهي.
1983ع: ‘ناٽڪ ڪلا جو وڪاس’ نالي ڪتاب ڄيٺي لالواڻيءَ احمدآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ ناول جي اوسر ۽ فن جي تجزياتي اڀياس بابت لکيو ويو آهي.
1983ع ۾ نامور نقاد رسول بخش پليجي جو ادبي تنقيد تي ڪتاب ‘ذات هنجن '>سندي ذات هنجن ’ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ تنقيدي معيار مقرر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنل آهي ۽ ادب ۾ مدي خارج، رجعت پسند موضوع آڻڻ جي خلاف راءِ آهي.
ساڳئي ئي سال 1983ع ۾ ممتاز مهر جو ڪتاب ‘سنڌ ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر’ ڇپيو، جنهن ۾ جديد سنڌي ڪهاڻين جو تنقيدي جائزو ورتو ويو آهي.
1983ع ۾ ڊاڪٽر ‘هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ’ جي زندگيءَ ۽ ڪم تي هڪ ڪتاب ڊاڪٽر مرليڌر ۽ ڊاڪٽر موتيلعل جوتواڻيءَ جو سهيڙيل نئين دهليءَ مان ڇپيو، جيڪو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي 100 سالا جنم ڏينهن جي موقعي تي ٿيل سمپوزيم جي مقالن تي مشتمل آهي. انهن مقالن ۾ تنقيدي حوالي سان سندس ڪم جي پرک ڪيل آهي.
1984ع ۾ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو ڪتاب ‘سنڌي ڪهاڻي ورهاڱي بعد’ الهاس نگر مان ڇپيو، جنهن ۾ هڪ لاڳيتي مقالي ۾ تنقيدي اڀياس پيش ڪيو ويو آهي.
1984ع ۾ هريش واسواڻيءَ جو ڪتاب ‘چاليهه چوراسي’ ممبئيءَ مان ڇپيو، جيڪو 1940ع کان 1984ع تائين جي سرجيل ادب جي، جائزي تي مشتمل تنقيدي ڪتاب آهي.
1984ع ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جو ڪتاب ‘ادب جا فڪري محرڪ’ شايع ٿيو، جنهن ۾ ٻوهئي صاحب ادب، فڪر ۽ تنقيد جي حوالي سان تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. ان ڪتاب جي اٺين باب ۾ تنقيد جي فڪري ڪردار تي به روشني وڌي وئي آهي.
1984ع ۾ ‘ڪنور پاڙون پاتار ۾’ نالي ڪتاب ۾ هرومل سدارنگاڻي ‘خادم’ جو دهليءَ مان ڇپيو، جنهن ۾ هن شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عربي، فارسي، هندي، پنجابي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان اڀياس ڪيو آهي. هي هڪ تمام اعليٰ ادبي، تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب آهي، جيڪو شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ موجود مختلف ڌارائن کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو.
1985ع ۾ ڪملا گوڪلاڻيءَ جو ڪتاب ‘راجسٿان جي سنڌي ساهتيه جو جائزواجمير مان ڇپيو، جنهن ۾ ليکڪا اتان جي ادب ۾ ٿيل ترقيءَ ۽ تبديليءَ تي لکيو آهي.
1985ع ۾ آسانند مامتورا جو ڪتاب ‘هـنجهـه چـڳـن مـوتـي’ الهاس نگر مان ڇپيو، جنهن ۾ شاهه، سچل، سامي، ٽيگور، بيوس جي ڪلام تي تبصرا آهن.
1985ع ۾ هريش واسواڻيءَ جو ترتيب ڏنل ڪتاب ‘سنڌي تنقيد’ ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ شايع ڪيو، جنهن ۾ اهم اديبن قاضي قادن، شاهه، سچل، ساميءَ، بيوس، شيخ اياز ۽ ٻين تي مختلف اديبن جا تنقيدي ليک سهيڙي ڏنا ويا آهن.
1985ع ۾ بدر ابڙي جو ڪتاب ‘تنقيد- ارتقائي جائزو’ ڇپجي منظر عام تي آيو، جيڪو تنقيد جي ارتقا بابت آهي.
1985ع ۾ ساهتيه اڪادمي دهليءَ طرفان هلندڙ اسڪيم تحت منگهارام ملڪاڻيءَ جي شخصيت ۽ ادبي خدمتن تي ڪتاب دهليءَ مان ڇپرايو ويو، جنهن ۾ سندس ناٽڪن، تنقيدي مضمونن، تاريخ نويسيءَ وغيره تي تبصرو ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب اي. جي. اُتم لکيو آهي.
1985ع ۾ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو ڪتاب ‘پيهي منجهه پاتار’ پوني مان ڇپيو، جنهن ۾ شاهه لطيف، ساميءَ کانسواءِ ناٽڪ ۽ ٻين موضوعن تي تنقيدي مضمون شامل آهن.
1985ع ۾ ليکڪ ‘لالچند امرڏنيمل’ تي مرليڌر جيٽلي جو لکيل ڪتاب ساهتيه اڪادمي دهليءَ طرفان ڇپيو، جنهن ۾ سندس زندگيءَ ۽ فن تي روشني وجهڻ سان گڏ سندس لکڻين ۾ ٻوليءَ ۽ عبارت جون خوبيون، اخبار نويسيءَ ۽ ادب ۾ خدمتون ڳڻائڻ سان گڏ سندس رچنائن جو ڇيد پڻ ڪيل آهي.
1986ع ۾ خاڪي جويي جو ڪتاب ‘ترقي پسند ادب جا معيار’ ڇپيو، جنهن جو مهاڳ مرحوم فقير محمد لاشاريءَ لکيو. هن ڪتاب ۾ خاڪي جويي مارڪسوادي تنقيد کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
1986ع ۾ هري دلگير جي فن ۽ شخصيت تي ارجن حاسد جو سهيڙيل ڪتاب ‘سدا هجن هوت حيات’ ڇپيو، جنهن ۾ تنقيدي حوالي سان سندس غزلن، ٻال ڪوتائن ۽ ٻين ڪتابن تي نارائڻ شيام،
رام پنجواڻي، ارجن شاد، گوبند مالهي، هريش واسواڻي، لکمي کلاڻي، پرڀو وفا، ڪمل پياسيءَ جا مضمون ۽ مقالا شامل آهن.
1986ع ۾ هوندراج ٻلواڻيءَ جو ڪتاب ‘ٻال ساهتيه جو وڪاس’ احمدآباد مان ڇپيو، جنهن ۾ هند ۾ ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ تي تنقيدي روشني وڌي وئي آهي.
ساڳئي سال 1986ع ۾ ذوالفقار راشديءَ جو ڪتاب ‘ڪسوٽي’
ڇپيو، جنهن ۾ تنقيدي مضمون شامل آهن.
1986ع ۾ سـاهـتيـه اڪـادمـي دهـلـيءَ پاران لـيکـراج ‘عـزيـز’ تي اي. جي. اتم جو لکيل ڪتاب ڇپايو ويو، جنهن ۾ ليکراج عزيز جي ناٽڪ نويسي، مضمون نگاري، ٻوليءَ جي مهارت ۽ شاعريءَ جي حوالي سان سندس ڪليات تي تجزيا ۽ تبصرا ڪيا ويا آهن. گڏوگڏ سندس شخصيت تي پڻ روشني وڌي وئي آهي.
1986ع ۾ ‘ڪاڪ ڇڏي ويا ڪنڊ تي’ نالي ڪتاب ۾ هيمراج ناگواڻيءَ جي فن ۽ شخصيت تي لکيل مقالا ۽ مضمون، لڇمڻ ڪومل ترتيب ڏئي، دهليءَ مان ڇپرايا، لکندڙن ۾ هوندراج دکايل، واسديو نرمل، نارائڻ شيام، موهن ڪلپنا، ڪيرت ٻاٻاڻي، هريڪانت، سندري اتمچنداڻي، لکمي کلاڻي، هري همٿاڻي، پوپٽي هيراننداڻي، گوبند مالهي وغيره شامل آهن.
1987ع ۾ شيخ اياز جو ڪتاب ‘خط، انٽرويو ۽ تقريرون’ شايع ٿيو، جنهن ۾ شامل مضمونن ۽ تجزين ۾ تنقيدي پهلو نمايان آهي.
1987ع: ‘ڪرشن کٽواڻي: هڪ شخص هڪ فنڪار’ جي حوالي سان ڪتاب ‘هجن هوت حياتي’ جي سري سان پريم پرڪاش سهيڙي احمدآباد مان شايع ڪرايو، جنهن ۾ ڪرشن کٽواڻيءَ جي ناولن، ڪهاڻين، ڪلا ۽ ٻوليءَ تي تنقيدي مضمون شامل آهن، جن جي ليکڪ نارائڻ شيام، ڪرشن راهي، ڪلا پرڪاش، اي. جي. اتم، لڇمڻ ڀنڀاڻي، گورڌن شرما ۽ ٻيا شامل آهن.
1988ع ۾ لعل پشپ ساهت مالها طرفان هڪ ڪتاب ‘لعل پشپ شخص ۽ ساهتڪار’ ممبئيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن ۾ لعل پشپ جي سنڌي ادب ۾ مقام بابت انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ليک شامل آهن، جن ۾ منوهر نهالاڻيءَ، ايم. ڪمل، گل ٽالپر جي ليکڪن کان سواءِ سندس ڪهاڻين تي مختلف ادبين جا تبصرا شامل آهن.
1988ع ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ڪتاب ‘ترورا’ ڇپيو، جيڪو هائيڪو، آزاد نظم، ادب ۽ سائنس کان سواءِ ڪتابن تي لکيل تجزين ۽ تنقيدن جو مجموعو آهي.
1988ع ۾ ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز ‘سنڌي شعر ۾ استريءَ جو چٽ’ ممبئيءَ مان ڇپي، جنهن ۾ هن ننڍي کنڊ ۾ عورت جي حيثيت ۽ مقام تي روشني وجهڻ کانپوءِ سنڌي شاعريءَ جي مختلف دورن ۾ ٿيل شاعريءَ ۾ عورت جي تصوير پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ اساسي شاعري، صوفي شاعري، شاهه لطيف
جي شاعري، ساميءَ جي شاعري توڙي عروضي شاعريءَ ۾ ان تصور
کي چٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان کان پوءِ هن جديد شاعرن مان ڪشنچند بيوس، شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام جي ڪلام لاءِ به ساڳي تحقيق ڪئي آهي.
1988ع ۾ پريم پرڪاش جو لکيل تنقيدي مقالن جو ڪتاب ‘ڪوتا’ احمدآباد مان ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. هن ڪتاب ۾ ‘نئين سنڌي ڪوتا’، بيوس جي ڪوتا، واسديو موهيءَ جي ڪوتا سان گڏوگڏ ڪجهه ٻين اهم موضوعن تي تنقيدي ليک آهن. 1989ع ۾ سندس تنقيدي مقالا ‘ڪهاڻي’ پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن ۾ لکمي کلاڻي، ايشور چندر، گوورڌن محبوباڻي، سندر اگناڻيءَ وغيره جي ڪهاڻين تي تبصرا شامل آهن.
1990ع ۾ ڪملا گوڪلاڻيءَ جو ڪتاب ‘نظرثاني’ اجمير مان ڇپيو، جنهن ۾ ڀارت ۾ شاعريءَ جي ميدان ۾ نارائڻ شيام ۽ ادب ۾ عورتن جو حصو وغيره مضمون شامل آهن.
1990ع ۾ ڄيٺمل پرسرام جي زندگيءَ ۽ فن تي ديپچندر بيلاڻيءَ جو ڪتاب آيو، جيڪو ساهتيه اڪادمي دهليءَ پاران ‘ڀارتي ساهت جا اڏيندڙ’ اسڪيم هيٺ ڇپيو هو. هن ڪتاب ۾ نه صرف سندس ڪيل ڪم تي روشني وڌي وئي، جنهن ۾ ادب، اخبار نويسي، ترجما، متفرقه مضمونن وغيره جي ڇنڊڇاڻ ۽ پرک ڪيل آهي، پر خود سندس طرفان لکيڪ ڪجهه تنقيدي مضمونن کي به پرکيو ويو آهي.
1991ع ۾ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز
‘شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ علامت نگاريءَ’ جي عنوان سان شايع ٿي.
1991ع ۾ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ‘ثقافت ۽ شاهه لطيف'>سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف’ شايع ڪئي وئي.
1991ع: نامور سوشلسٽ ۽ ويدانتي ليکڪ ڄيٺمل پرسرام جو ڪتاب ‘ساهتي رهاڻ’ ممبئيءَ مان ڇپيو، جنهن ۾ تنقيدي ليک شامل آهن. هن ڪتاب ۾ شاهه ڪريم ۽ تصوف، مرزا قليچ بيگ جو ‘خورشيد’ ڊرامو، ديوان گل، نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جي ڪتاب ‘ڳوٺاڻي چهر’ ۽ ٻين حوالن سان تنقيدي پرک ڪئي وئي آهي.
1991ع ۾ ‘شاعر شيام’ جي نالي سان ڪتاب هريش واسواڻيءَ ترتيب ڏئي الهاس نگر مان شايع ڪرايو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اهم شاعر نارائڻ شيام جي شخصيت ۽ شاعريءَ جي ڀرپور نموني پرک ڪئي وئي آهي. پرک ڪندڙن ۾ ڪرشن راهي، ارجن حاسد، هريش واسواڻي، هري دلگير، ڪملا گوڪلاڻي، نامديو تاراچنداڻي ۽ نارائڻ ڀارتيءَ جا نالا شامل آهن.
1992ع ۾ ليلارام ڏيونداس رُچنداڻي، سنڌي ٻوليءَ ۾ مزاحيه ادب جي حوالي سان تحقيق ۽ تنقيد ڪري پنهنجو ڪتاب ‘سنڌي ساهت ۾ مذاق’ احمدآباد مان ڇپرايو. هن ڪتاب جا ڪي اهم موضوع آهن: ‘ساهت ۾ مذاق’، ‘سنڌيءَ ۾ مذاقي ساهت’، ‘جهونو مذاقي ساهت’، ‘شاهه جي وقت ۾ مذاقي ساهت’، ‘ناٽڪن ۾ مذاق’، ‘لوڪ ساهت ۾ مذاق’ وغيره. هي پنهنجي نوعيت جو هڪ منفرت ڪتاب آهي.
1992ع ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز
‘شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ’ شايع ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين، شاهه جي سورمين جي ڪردارن تي نئين انداز سان روشني وجهي، ڪي نيون روايتون وڌيون آهن، جنهن سان سنڌيءَ ۾ ‘Woman Studies’ جو نئون موضوع سنڌيءَ ۾ متعارف ٿيو.
1992ع ۾ پروفيسر ارجن شاد جي ڪتاب ‘سنڌي غزل ’ جو ٻيو ڇاپو شايع ٿيو.
1992ع ۾ قاضي خادم جو لکيل ڪتاب ‘ادب ۽ روايتون’
حيدرآباد مان ڇپيو، جنهن ۾ هن سنڌي ادب جي مختلف پهلوئن تي تنقيدي رايا ڏنا آهن، جن ۾ ادب جي مختلف حوالن سان وصف ڪرڻ کانپوءِ داستان، ڊرامي، ڪهاڻي، تنقيد ۽ تحقيق، شيخ اياز، نجم عباسي، سچل ۽ ڪن ٻين موضوعن تي مضمون شامل آهن.
1993ع ۾ تاج جويي جو ڪتاب ‘نيڻ مهٽي خيال جاڳيا’ ڇپيو، جنهن ۾ هن جديد سنڌي شاعريءَ جو اڀياس بهتر نموني پيش ڪيو آهي.
1993ع: ‘سنڌي ساهت جا سورما’ نالي ڪتاب ميرل آهوجا لکي، احمدآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ گوبند مالهي، ڊاڪٽر سدارنگاڻي ‘خادم’، ڪيرت ٻاٻاڻي، پرڀو وفا، پوپٽي هيراننداڻي، موتي لعل جوتواڻي، ڀڳوان نردوش، واسديو موهي، ڄيٺي لالواڻي ۽ هولارام هنس جي فن ۽ فڪر تي تبصرا ڪيا ويا آهن.
1994ع ۾ ‘ٻوهئي جون تحريرون’ (مرتب: ناز سنائي) ڪتاب حيدرآباد مان ڇپايو ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جا مختلف ڪتابن ۾ لکيل مهاڳ مان انٽرويو، مضمون ۽ تقريرون شامل آهن، جن مان صرف ٻوهيي صاحب جي لکيل مهاڳن واري ڀاڱي کي تنقيد جي حوالي سان ڳڻي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هن محمد ابراهيم جويي جي ڪتاب ‘ماڻهوءَ جو ڀاڳ’، استاد بخاريءَ جي ڪتاب ‘اوتون جوتون’،
ف. م. لاشاريءَ جي ‘اڇي تي ڪارو’ ۽ رسول بخش پليجي جي ڪتاب
پسي ڳاڙها گل’ تي تنقيد ڪئي آهي.
1994ع ۾ ئي تاج جويي جو جديد سنڌي شاعريءَ جي اڀياس جي سلسلي ۾ ڪتاب ‘تلسين جي سرهاڻ’ نالي سان مارڪيٽ ۾ آيو، جيڪو پڻ تجزياتي ۽ تنقيدي شعور سان لکيل آهي.
1995ع ۾ ‘ڇنڊڇاڻ’ جي عنوان سان ستيش روهڙا جو ڪتاب آديپور (ڀارت) مان شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌي ادبي تنقيد جون نيون تقاضائون، هند ۾ سنڌي نثر ۽ ٻوليءَ جو اڀياس، سنڌي ادب جا دور ۽ منزلون، پرمانند ميوارام بابت تنقيدي مقالو ۽ ٻيا مضمون شامل آهن.
1995ع ۾ ‘سنڌيءَ جا نثري داستان’ قاضي خادم جو ڪتاب ڪراچيءَ مان ڇپيو، جيڪو دراصل سندس پي. ايڇ. ڊي جو مقالو هو، جنهن ۾ داستانن جي قدامت، فن وغيره بابت تفصيل ڏيڻ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ داستانن جي ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي، جن ۾ ڪجهه مقامي ته ڪجهه ترجمو ڪيل آهن. آخر ۾ داستانن جي زوال جي سببن تي به تفصيلي روشني وڌل آهي.
1996ع ۾ ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻيءَ جو ڪتاب ‘ساهتيه سنسار’ دهليءَ مان ڇپيو، جنهن ۾ ليکڪ سنڌي ادب سان لاڳاپيل گهڻن ئي موضوعن تي لکيو، جن ۾ سنڌي ٻولي، شاهه، سچل، سامي، ڪشنچند بيوس کانسواءِ ورهاڱي کانپوءِ هند ۾ ادبي روايتون شامل آهن.
1996ع ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جو ڪتاب ‘سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس’ منظرعام تي آيو.
1996ع ۾ ‘رهبر منهنجي راهه جا’ نالي گوبند مالهيءَ ڪتاب لکي ممبئيءَ مان ڇپرايو، جنهن ۾ هن شاهه لطيف، سچل، نانڪ، شاهه ۽ ساميءَ جي فن ۽ شخصيتن تي روشني وڌي آهي، جنهن ۾ ڪجهه تنقيدي حوالي سان پڻ مواد شامل آهي.
1996ع ۾ ‘ادبـي ڇـنڊڇـاڻ’ نالي سان مقالن جو ڪتاب، شيام رام رکياڻيءَ جو سهيڙيل، ممبئيءَ مان ڇپجي آيو، جنهن ۾ ‘شاعر ارجن حاسد جو سنڌي ساهت ۾ يوگدان’ (حصو) جي عنوان تي ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻيءَ، ويڙهي رفيق ۽ ريٽا شهاڻيءَ جا مقالا آهن، جڏهن ته ٻئي ڀاڱي ۾ ‘ايڪيهين صديءَ ۾ سنڌي’ جي عنوان سان پڻ ٽي مقالا شامل آهن.
1997ع ۾ ‘لپ ڀر مهراڻ’ عنوان سان ريٽا شهاڻيءَ جي تنقيدي مضمونن جو ڪتاب جئپور ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن آغا سليم جي ناول ‘همه اوست’ سميت ٻين ڪيترن ليکڪن تي تنقيدي مضمون لکيا.
1997ع ۾ هيري ٺڪر جو ڪتاب ‘تحقيق ۽ تنقيد’ دهليءَ مان ڇپيو، جنهن ۾ شاهه لطيف، قاضي قادن، سامي ۽ روحل جي شاعريءَ کانسواءِ مضمون نويسي، ڪافي، لوڪ ادب تي پڻ تنقيدي مضمون لکيا آهن.
1997ع ۾ ‘وفائيءَ جا ڪتاب عالمن ۽ اديبن جي نظر ۾’ ڪتاب جي اشاعت ٿي، جنهن ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ جي ڪتابن تي لکيل عالمن ۽ اديبن جا مهاڳ ۽ تبصرا شامل ڪيا ويا آهن، جنهن جي ڪجهه تحريرن ۾ تنقيدي ۽ تقابلي انداز به محسوس ٿئي ٿو.
1997ع ۾ جگديش لڇاڻيءَ جو ڪتاب ‘ڏات ۽ ڏانءَ’ الهاس نگر مان ڇپيو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اهم شاعر ايم. ڪمل جي غزل، ناٽڪن، ايڪانڪي (one act play) ناتڪ تي تبصرا ۽ سندس انٽرويو ۽ خط شامل ڪيا ويا آهن.
1997ع ۾، ‘نارائڻ ڀارتي- چيڪي مٽيءَ جو گهڙيل’ نالي ڪتاب، هري موٽواڻي سنڌيءَ مرتب ڪري، ممبئيءَ مان ڇپايو، جنهن ۾ نارائڻ ڀارتيءَ جي شخصيت کانسواءِ سندس لکڻين جو اڀياس، جائزو ۽ تبصرو ڪيو ويو آهي، جنهن جا ليکڪ آهن: موهن ڪلپنا، جئرامداس دولترام، گوبند مالهي، پرسو گدواڻي، ريٽا شاهاڻي، هري موٽواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي وغيره.
1998ع ۾ ‘ساهه سيباڻا سپرين’ جي نالي سان وينا شرنگيءَ جو سهيڙيل ڪتاب، سنڌي اڪيڊمي دهليءَ مان شايع ڪيو ويو، جنهن ۾ منگهارام ملڪاڻيءَ جي زندگيءَ ۽ ڪيل ڪم تي ريٽا شهاڻيءَ، واسديو نرمل، پريم پرڪاش ۽ مرليڌر جيٽلي ۽ ڄيٺي لالواڻيءَ جا تنقيدي ليک ڇپيا. ان کانسواءِ ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ ليکراج عزيز جي زندگيءَ ۽ فن تي پوپٽي هيراننداڻي، ارجن حاسد ۽ اي. جي. اتم جا تنقيدي تجزيا پڻ شامل ڪيا ويا آهن.
1998ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ‘شاهه لطيف چيئر’ طرفان
‘شاهه ۽ سنڌ’ جي سري هيٺ ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ پڻ هند ۽ سنڌ جي عالمن اديبن شاهه جي ڪلام، فلسفي، ٻوليءَ، موسيقي ۽ سندس شاعريءَ ۾ موجود مزاحمتي لاڙن تي، تحقيقي ۽ تجزياتي مقالا پيش ڪيا، جن مان ڪي اڳتي هلي ٻن جلدن ۾ شايع ٿيا.
ان کانسواءِ هر سال شاهه ڀٽائيءَ جي عرس تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ به اهڙن مقالن جو سلسلو جاري رهي ٿو، جيڪو پوءِ ثقافت کاتي طرفان هر سال ڪتابي صورت ۾ شايع ٿئي ٿو.
1998ع ۾ سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز جي فن ۽ فڪر تي ٻه ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ جامي چانڊيي جو ترتيب ڏنل ڪتاب ‘سنڌي ادب ۽ تنقيد- اينٿالاجيءَ’ جو پهريون حصو ڇپيو. تنقيد نگاريءَ جي ڏس ۾ هي اهم ڪتاب آهي.
1998ع ۾ نامور ڏاهي محمد ابراهيم جويي جو ڪتاب ‘ادب، ٻولي، تعليم’ شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌي ادب، ٻولي ۽ تعليم بابت پُر مغز مضمونن کي چونڊي شايع ڪيو ويو آهي.
1998ع ۾ هولارام هنس جو لکيل ڪتاب ‘سنڌي ناول ۾ مالهيءَ جي يگاني دين’ ممبئيءَ مان ڇپيو، جنهن ۾ سنڌيءَ جي اهم ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار گوبند مالهيءَ جي پنجويهن ناولن جي موضوعن، ڪردارن، نظرين ۽ ٻوليءَ تي تنقيدي حوالي سان لکيو ويو آهي.
1998ع ۾ موتي پرڪاش جو ‘چوڏس چانڊاڻ’ نالي ڪتاب ممبئيءَ مان ڇپيو، جنهن ۾ موتي پرڪاش جي زندگيءَ ۽ ڪلا تي اهم تنقيدي مضمون شامل آهن. لکندڙن ۾ ڪلا پرڪاش، هري موٽواڻي، ٺاڪر چاولا، هري دلگير، پرڀو وفا، ارجن حاسد، رام پنجواڻي، گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ وغيره سندس شاعريءَ جي مختلف پهلوئن تي لکيو آهي.
1998ع ۾ ‘سنڌيءَ جا اعليٰ اديب’ ڪتاب، منوهر نهالاڻيءَ، احمدآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ هند ۾ لکندڙ اديبن، موهن ڪلپنا، سندري اتمچنداڻي، موتي پرڪاش ۽ ٻين تي ڪجهه فني حوالي سان ته ڪجهه سوانحي حوالي سان تبصرا ڪيا ويا آهن.
1998ع ۾ الهاس نگر مان ڇپيل ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ جو ڪتاب ‘ساهتيه جي پرک’ پڻ تنقيدي زمري ۾ اچي ٿو. هن ۾ ڪوتا، ناول، ڪهاڻي، ناٽڪ، مضمون ۽ ٻين نثري صنفن تي تنقيدي ليک شامل آهن.
1999ع ۾ موهن گيهاڻيءَ جو ڪتاب ‘جا چتايم چت ۾’، ممبئيءَ مان ڇپيو، جنهن ۾ شاهه لطيف، تصوف ۽ ويدانت کان سواءِ حاسد ۽ ديوان ڏيارام گدومل تي لکيل تبصرا شامل آهن.
1999ع ۾ ‘سنڌي ادب ۾ تنقيدنگاريءَ’ جي عنوان تي بدرالدين اڄڻ جي لکيل پي. ايڇ. ڊي ٿيسز شايع ٿي.
1999ع ۾ ڊاڪٽر بشـيـر احـمد ‘شـاد’ جو ترتيـب ڏنل ڪتاب ‘ڀـلارو ڀـٽ ڌڻـي’ شايع ٿيو، جنهن ۾ شاهه لطيف جي فڪر تي سنڌ جي 20 نامور اسڪالرن جا چونڊ مقالا شامل ڪيل آهن.
1999ع ۾ ‘ادبي تصويرون’، جڳديش لڇاڻيءَ جو لکيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن هري دلگير، پوپٽي هيراننداڻي، ايم. ڪمل، ارجن شاد، ايشور آنچل ۽ گورڌن ڀارتيءَ جي فن ۽ شخصيت تي روشني وڌي آهي. هي ڪتاب الهاس نگر مان ڇپيو.
2000ع ۾ بدر ابڙي جو ڪتاب ‘سنڌ جو شاهه’ ڇپيو، جيڪو
‘شاهه لطيف چيئر’ پاران شايع ڪيو ويو. ان ڪتاب ۾ بدر ابڙي نئين انداز ۾ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي ڪن اڻ ڇهيل عنوانن تي مقالا لکي نئين روايت وڌي.
2000ع ۾ مرليڌر جيٽلي جو ڪتاب ‘سنڌي ساهت جي جهلڪ’
دهليءَ مان ڇپيو، جنهن ۾ سنڌي ساهت ۾ ويدانت ۽ صوفي مت، سوامي پراڻناٿ جي واڻي، روحل جو ڪلام ۽ ٻيا مقالا شامل آهن.
ساڳئي سال 2000ع ۾ تاج جويي جو ڪتاب ‘مان ورڻو هان’
(شيخ اياز: هڪ اڀياس) ڇپيو، جنهن ۾ اياز جي فني ۽ فڪري سگهه تي لکيو ويو آهي. ان ڪتاب ۾ تاج جويي، اياز جو ٻين شاعرن سان تقابلي جائزو ۽ تنقيدي حوالي سان پرک به بيان ڪئي آهي.
سال 2000ع ۾ نـنـد ڇڳاڻيءَ جو ڪتاب ‘ڄاڻين ته به، نه ڄاڻ’
الهاس نگر مان ڇپيو، جنهن ۾ مختلف ادبي موضوعن تي تنقيدي ليک شامل آهن.
2000ع ۾ ‘بدلجندڙ دور ۽ تنقيد’ جي نالي سان آنند کيماڻيءَ جو ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو، جنهن ۾ هن موهن ڪلپنا، پرم ابيچنداڻيءَ، شيام جئسنگهاڻيءَ جي تنقيدي جائزي سان گڏ سنڌي ڪهاڻي، نئين ڪهاڻيءَ جي مفهوم ۽ بدلجندڙ دور ۽ تنقيد وغيره موضوعن تي لکيو آهي.
2000ع ۾ پوپٽي هيراننداڻيءَ جو ڪتاب ‘شاهه لطيف جو شعر ۽ سندس سورما سورميون’ ممبئيءَ مان ڇپيو. جنهن ۾ پوپٽيءَ،
شاهه لطيف جي شاعريءَ جي ڪردارن کي سنسڪرت جي ڪردارن سان ڀيٽ به ڪئي آهي ته خود شاهه صاحب جي ڪردار نگاريءَ تي به تنقيدي نظر وڌي آهي. هن نه صرف شاهه جي سورمين کي، پر سورمن کي به ساراهيو آهي.
2000ع ۾ جگديش لڇاڻيءَ جو ڪتاب ‘جوڳيئڙا جهان ۾’ الهاس نگر مان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن ۾ سندس لکيل ‘ريڊيو ٽاڪ’ يا ريڊيي تي پيش ڪيل تبصرا ۽ سيمينارن ۾ پڙهيل مقالا شامل آهن، جيڪي گهڻو ڪري تنقيدي ساءُ رکن ٿا. جن ليکڪن ۽ سندن لکڻين تي لکيو ويو آهي، تن ۾ منگهارام ملڪاڻيءَ جا ڊراما، پوپٽي هيرانندانيءَ جي مضمون نويسي، پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي افصانه نويسي، گوبند مالهي بحيثيت ناول نگار ۽ ايم ڪمل جي شخصيت ناٽڪ ۽ نئين ڪويتا جي حوالي سان اهم آهن.
2000ع ۾ هيري ٺڪر جو ڪتاب ‘قلم جو سپاهي: هيرانند ڪرمچند’ الهاس نگر مان ڇپيو، جنهن ۾ آزاديءَ جي هلچل ۾ پنهنجي وقت جي اهم اخبار نويس ۽ ليکڪ تي ‘هند واسي’ اخبار ۾ ڇپيل مضمون ۽ مٿس ڪرايل سيمينار جا مقالا گڏي شايع ڪيا ويا آهن.
2001ع ۾ ‘گڏيل تنقيد’ نالي لعل پشپ جو ڪتاب ڇپيو، جنهن ۾ شيخ اياز جي ڪتاب ‘جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي’ ۽ گُني سامتاڻيءَ جي ڪهاڻين، جدت ۽ سنڌي ساهت ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ناول، رومانويءَ جي فراريت ۽ ٻين موضوعن تي تنقيد ڪيل آهي.
2001ع ۾ هـريـش واسـواڻـيءَ جو ڪتاب ممبئيءَ مان پڌرو ٿيو ‘ٻڙي ۽ ٽي ٻڙيون’. هن ڪتاب ۾ هڪ مضمون تنقيد بابت آهي ‘ڪويتا جو تضاد’.
2001ع ۾ ‘ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي: جيون، فن ۽ ڪاريه’ نالي ڪتاب مدن جماڻيءَ ۽ ڀڳوان نردوش ترتيب ڏئي احمدآباد مان ڇپرايو، جنهن ۾ ڄيٺي لالواڻيءَ جي ڪتابن تي لکيل مضمون ۽ مقالا شامل آهن. ان کان سواءِ ان ۾ هندي، گجراتي ۽ اردو ترجمن تي پڻ تنقيدي تبصرا ڪيا ويا آهن.
2001ع ۾ ‘جيون ۽ ساهت’ عنوان سان ريٽا شاهاڻيءَ جي تنقيدي ۽ تاثراتي مضمونن جو ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو.
2001ع ۾ نارائڻ ڀارتيءَ جو ڪتاب ‘سيمينار’ الهاس نگر مان ڇپيو، جنهن ۾ هن مختلف سيمينارن ۾ پڙهيل تنقيدي مقالا گڏ ڪيا آهن. هن ڪتاب ۾ مختلف ادبي پهلوئن تي ليک شامل آهن.
2001ع ۾ ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻيءَ جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز
‘سنڌي شعر ۾ قدرت جو چٽ’ اجمير مان ڇپجي پڌري ٿي، جنهن ۾ ليکڪا تحقيق ۽ تنقيد جي ذريعي سنڌي شاعريءَ ۾ فطرت جا رنگ ڳولڻ کان اڳ ڪائنات ۾ فطرت جي سونهن، مختلف ٻولين ۽ ان جو اظهار، سنڌي شاعريءَ ۾ منظرڪشي، فطري جذبن ۾ ميلاپ ۽ وڇوڙي، همت، حوصلي، ماديت ۽ قدرت تي لکيو آهي. ان کانپوءِ هوءَ شاعريءَ جي لفظي ۽ معني صنعتن تي لکي ٿي. انسان، سج، چنڊ، تارا، هوا، پکي پکڻ سڀني جي عڪاسيءَ کي سنڌي شاعريءَ ۾ ڳولي ڪڍي ٿي.
2001ع ۾ لکمي کلاڻيءَ جي ڪتاب ’رچنا ياترا‘ گانڌيڌام مان ڇپيو، جنهن ۾ مختلف ڪتابن تي لکيل مهاڳ شامل آهن، جن ۾ ناول به آهن، ته ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جا مجموعا به آهن.
2001ع ۾ ٽماهي رسالي ‘سنڌو جوت’ جي طرفان گوبند مالهيءَ جي ياد ۾ خاص نمبر دهليءَ مان لڇمڻ ڪومل ڇپايو، جنهن ۾
سنڌي ادب ۾ مالهيءَ جي خدمتن تي ۽ سندس لکڻين تي لکندڙن ۾ شيام جئسنگهاڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڪرشن راهي، آنند کيماڻي، ارجن حاسد، نارائڻ ڀارتي، نند جويري ۽ ڪيترن ٻين سنڌي ليکڪن جا مضمون شامل آهن.
2002ع ۾ تاج جويي جو ترتيب ڏنل ڪتاب ‘ساميءَ تي هڪ نظر’
ڇپيو. هن ڪتاب ۾ ساميءَ جي شاعريءَ تي تمام اهم تنقيد ٿيل آهي.
2002ع ۾ ساميءَ تي هڪ ڪتاب ‘سامي ساگر بوند’ به ڇپيو، جيڪو ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ پڻ ساميءَ جي ڪلام جي پرک بيان ڪيل آهي.
2002ع ۾ ئي ڊاڪٽر ستيش روهڙا جو مختلف ڪهاڻين تي تنقيدي جائزو ‘ڪٿا کان ڪٿا تائين’ آديپور مان شايع ٿيو، جنهن ۾
16 تنقيدي ليک شامل آهن، جن ۾ 40 ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين تي تنقيدي راءِ ڏني وئي آهي.
2002ع ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتاب ‘بيت’ (سٽا ۽ اوسر) شڪارپور مان ڇپجي پڌرو ٿيو، جيڪو بيت جي صنف کي سمجهڻ لاءِ اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي شاعرن جي بيتن جي ڇند وديا جي اصولن موجب پرک ۽ تنقيد پڻ ڪئي وئي آهي ۽ انهن جو فني جائزو ورتو ويو آهي.
2002ع ۾ ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻيءَ جو ڪتاب ‘اساسي سنڌي شاعري’ ممبئيءَ مان ڇپيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي، هيري شيوڪاڻي، هيري ٺڪر جا شاهه، سچل، ساميءَ ۽ تصوف ۽ ويدانت تي اهم مقالا شامل آهن.
2002ع ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ‘ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت’ ڇپي، جنهن ۾ هن ڪڇ جي سرحدي علائقي ٻنيءَ ۾ مروج سنڌي لوڪ گيتن کي نه صرف گڏ ڪيو آهي، بلڪ انهيءَ صنف جي ارتقا سان گڏ لوڪ گيتن جي ڇنڊڇاڻ به ڪئي آهي.
2002ع ۾ ئي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ڪتاب ‘ڪٺمال’ شايع ٿيو، جنهن ۾ مختلف صنفن تي 60 کان وڌيڪ مقالا شامل آهن.
2002ع ۾ نارائڻ ڀارتيءَ جو ڪتاب ‘هنج مڙي وئي هنج’
الهاس نگر مان ڇپيو، جنهن ۾ هند جي اهم ليکڪن ۽ شاعرن جي فن ۽ فڪر تي ليک شامل آهن ۽ هڪ مضمون شيخ اياز تي پڻ آهي.
2002ع ۾ لکمي کلاڻيءَ جي ڪتاب ‘رچنا ياترا’ جو ٻيو ڀاڱو آديپور مان ڇپيو، جنهن ۾ ننڍڙن ننڍڙن مضمونن مان ڪي تنقيدي
پڻ آهن.
2002ع ۾ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ‘سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر’ شاهه لطيف چيئر، ڪراچي پاران شايع ٿي.
2002ع ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين جي ڪتاب ‘ادبي تنقيد- فن ۽ تاريخ’ جو ٻيو ڇاپو، سڌارن ۽ واڌارن سان ڇپجي آيو.
2002ع ۾ ‘سنڌيت جو اپاسڪ- اتم’ نالي ڪتاب رڪمڻي سندر چئناڻيءَ، پوني مان ڇپرايو، جنهن ۾ هري موٽواڻي، ريٽا شهاڻي، سندر اگناڻي، وينا شرنگي، سندري اتمچنداڻي، ارجن حاسد، موتي پرڪاش سميت ڪيترن ئي ليکن نه صرف پنهنجا ذاتي تاثرات لکيا آهن، پر سندس لکڻين جو به تنقيدي تجزيو ڪيو آهي.
2002ع ۾ ‘گورڌن شرما گهايل: فن ۽ شخصيت’ نالي ڪتاب، ڊاڪٽر ديال آشا، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي ۽ ميلارام ڪڪريجا طرفان مرتب ڪري پوني مان شايع ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ انهن مرتبن کان شواءِ ٻين اهم مقالانگارن جا مقالا، گورڌن شرما گهايل جي فن، فڪر ۽ شخصيت تي شامل آهن، جن ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، رتنا گوديا رولاڪ، جينت ريلواڻي، جهمون ڇڳاڻي، کيمن يو مولاڻيءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. ان کان سواءِ سندس ڪتابن: ‘قلم جو سپاهي’، ‘ميڙي چونڊي’ ۽ ‘ٽڪرا ٽڪرا ٽنڊ’ (شاعريءَ) تي تنقيدي تبصرا ڪيا ويا آهن. تبصري نگارن ۾ جيرامداس دولترام، جشن واسواڻي، رام پنجواڻي، تاجل بيوس، واسديو موهي، ڪلا پرڪاش، هري دلگير، هري موٽواڻي، ڪمل پياسي وغيره شامل آهن.
2002ع ۾ ج. ع. منگهاڻيءَ جو ڪتاب ‘ڇپر ڪين ڏي...’ شاهه لطيف چيئر پاران ڇپيو، جنهن ۾ هن شاهه جي ٻوليءَ بابت بحث ڪيو آهي.
2003ع ۾ اي. جي اتم جو ڪتاب ‘ادب ۽ تنقيد’ ڇپيو، جيڪو هڪ اهم تنقيدي ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن شيخ اياز، سڳن آهوجا، موهن ڪلپنا ۽ اندر ڀوڄواڻيءَ جي فن تي روشني وڌي آهي.
2003ع ۾ ‘جديد سنڌي ڪهاڻيءَ’ جي موضوع تي رئوف نظاماڻيءَ جو ڪتاب شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي رچنا جو پسمنظر
ڏيڻ کانپوءِ: ‘مختصر ڪهاڻي تبديليءَ لاءِ جاکوڙ’، ‘سنڌي ڪهاڻي 1980- 1992ع’، ‘تبديليءَ جا ڪي عڪس’ ۽ ‘سنڌي ادب ۾ تنقيد ڇو ڪمزور آهي’ عنوانن تي لکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ 1980ع کان 1992ع تائين جي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ادبي معيارن جي پرک ڪئي وئي آهي ۽ ڪيترن اهم ڪهاڻيڪارن ۽ سندن ڪهاڻين جو تنقيدي جائزو ورتو ويو آهي.
2003ع ۾ ‘شاهه سچل ساميءَ جو تقابلي اڀياس’، ڊاڪٽر ٻلديو بختراءِ مٽلاڻيءَ جي ٿيسز، بمبئيءَ مان ڇپجي پڌري ٿي آهي، جنهن ۾ هن ٻنهي شاعرن جي زندگيءَ ۽ دورن تي روشني وجهڻ کانپوءِ تصوف، ويدانت، ٻوليءَ، صنايع بدايع، انداز، فلسفي، فڪر ۽ شاعراڻي فن جو تقابلي اڀياس ڪيو آهي. هي ڪتاب تحقيقي هئڻ سان گڏ تنقيد جون به گهرجون پوريون ڪري ٿو.
2003ع ۾ ڊاڪٽر نور افروز خواجه جو پي. ايڇ. ڊي جو مقالو
‘ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر’ ڇپيو، جنهن ۾ هن هند ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شروعاتي ناول نگارن تي تنقيدي انداز ۾ لکيو آهي.
2003ع ۾ هن سال ڀوپال مان جهمون ڇڳاڻيءَ جو ڪتاب
‘ڏات ڌڻي’ شايع ٿيو، جنهن ۾ دهليءَ جي سنڌي ساهتيه ڪارن جي باري ۾ مضمون شامل آهن. انهن ۾ تيرٿ بسنت، هرومل سدرانگاڻي، نارائڻ شيام، پرم اڀيچنداڻي، مرليڌر جيٽلي، هريڪانت، لڇمڻ ڪومل، هيرو ٺڪر، موتيلعل جوتواڻي ۽ وينا شرنگي اچي وڃن ٿا. هن ڪتاب ۾ شخصي تاثرات سان گڏ ڪجهه فني تجزيا پڻ شامل آهن.
2003ع ۾ پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ جو سنڌي ادب جي اهم شخصيتن جو تنقيدي اڀياس ‘لوڪ لهوارو وهي، تون اوچو وهه اوڀار’
عنوان سان احمد آباد مان شايع ٿيو، جنهن ۾ هن شاهه لطيف ۽ ڀڳتي هلچل کانسواءِ ڊاڪٽر گربخشاڻي، پرمانند ميوارام، ‘موهن، گنو ۽ لعل’
ٽي مکيه ڪهاڻيڪار، منگهارام ملڪاڻي، تاريخ نويس ۽ نقاد، شاهه سچل ۽ ساميءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ تي هڪ نئين نظر وغيره جي موضوعن تي لکيو آهي.
2003ع ۾ لکمي کلاڻيءَ جي ڪتاب ‘رچنا ياترا’ جو ٽيون ڀاڱو آديپور مان ڇپيو، جنهن ۾ لوڪ ادب، ادب ۽ جديد ادب ۾ ڪهاڻي، تنقيد، ناٽڪ وغيره تي تنقيدي ليک آهن.
2003ع ۾ نامور شاعر ڪرشن راهيءَ جي تنقيدي مضمونن جو ڪتاب ‘ورق سڀ ويچار’ خاص ڪري بيوس جي شاعري، ورهاڱي کان پوءِ سنڌو شاعري، نارائڻ شيام جي شاعري، سنڌي نظم، غزل، سرحد جي هن پار ۽ هن پار جي ادب تي مشتمل ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو.
2004ع ۾ ‘شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ تشبيهه نگاري ۽
استعاري نگاريءَ جو تحقيقي جائزو’ جي عنوان هيٺ ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاهه جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز شاهه لطيف چيئر، ڪراچيءَ پاران شايع ٿي.
2004ع ۾ هڪ ڪتاب ‘جن سان جڙيم جندڙي’ وليرام ڪشناڻيءَ جو آديپور مان ڇپيو، جنهن ۾ ڀٽائي گهوٽ، سچل سرمست، سنت ڪوي ڌرمداس، بيوس، گورڌن ڀارتي ۽ ٻين جي شخصيتن ۽ رچنائن تي ليکڪ ٽيڪاٽپڻي ڪئي آهي.
2004ع ۾ هيري شيوڪاڻيءَ جو ڪتاب ‘سرجڻ جو سنڪٽ ۽ سنڌي ڪهاڻي’ ڪتاب ڇپيو. هن ڪتاب ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ جدا جدا موضوع، سرحد جي آرپار جي سنڌي ڪهاڻي، آتم تلاش جون ڪهاڻيون، ڪلاتمڪ انڌ ڌند جون ڪهاڻيون، مايا راهيءَ جي ڪهاڻي ‘سنسار جي هڪ جهلڪ’، سرجڻ جو سنڪٽ ۽ نائين ڏهاڪي جي سنڌي ڪهاڻي، سنڌي ڪهاڻي اڳي ۽ هاڻي- عنوانن تي تنقيدي مضمون شامل آهن.
2004ع ۾ پريم پرڪاش جو ڪتاب ‘سنڌي ناٽڪ ’ احمدآباد مان ڇپيو، جنهن ۾ هن ورهاڱي کانپوءِ هند ۾ سنڌي ناٽڪ جي اوسر ۽ فن تي تنقيدي ليک شامل ڪيا آهن.
2004ع ۾ ڊاڪٽر چندو لعل جئسنگهاڻيءَ جي پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز ‘سنڌي ناول جي ارتقا’ ممبئيءَ مان ڇپجي پڌري ٿي، جنهن ۾ محقق ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي سنڌي ناولن تي ڀرپور تنقيدي انداز ۾ لکيو آهي. جيئن ته ورهاڱي کان پوءِ جي سنڌ ۾ ڇپيل ادب جي پهچ هند وارن کي ڪا نه هئي، ان ڪري هتان جي ناولن جو خاطر خواهه ذڪر نه ڪيو ويو آهي، تنهن هوندي به هندستان ۾ ڇپيل ناولن جو تفصيل سان جائزو ورتل آهي.
2004ع ۾ سنڌي تنقيدي ادب ۾ سماجياتي (Sociological) اڀياس ڪرڻ جي روايت ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو وڌي. ان سلسلي ۾ سندس ڪتاب ‘عورت، سماج ۽ ڏاڍ’ شايع ٿيو.
2004ع ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ ۽ ڪنعيا لال گوپلاڻيءَ جو ترتيب ڏنل ڪتاب ‘گذريل ڏهاڪي ۾ سنڌي ادب جو جائزو’ الهاس نگر مان ڇپيو، جنهن ۾ ڪهاڻيءَ ۽ مضمون نويسيءَ جو جائزو شامل آهي.
2004ع ۾ هري دلگير جو ڪتاب ‘ادبي ليک’ آديپور مان ڇپيو، جنهن ۾ شاهه لطيف، اياز، نارائڻ شيام، ليکراج عزيز، ڪشنچند بيوس، واسديو موهي ۽ ٻين شاعرن تي تنقيدي ليک شامل آهن.
2004ع ۾ ئي شيخ عبدالرزاق ‘راز’ جي ڪتاب ‘سنڌي غزل جو تجزيو’، سنڌالاجيءَ طرفان ٻيو ڇاپو آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو 1979ع ۾ ڇپيو هو. هن ڪتاب ۾ سنڌي غزل جي فڪري مطالعي سان گڏ
15 اهم غزل گو شاعرن جي ڪلام تي تنقيدي انداز ۾ لکيو ويو آهي.
2004ع ۾ تنقيدي مضمونن تي مشتمل، آنند کيماڻيءَ جو ڪتاب ‘ڪنڊن جي سڳنڌ’ نئين دهليءَ مان ڇپجي آيو، جنهن ۾ هن ايم. ڪمل، اندرا شبنم، عطيه دائود، هري موٽواڻيءَ، گوبند مالهيءَ ۽ ٻين جي تخليق تي روشني وڌي آهي.
2005ع ۾ ڊاڪٽر نورافروز خواجه جو سهيڙيل ڪتاب ‘پائي پٽ ڪڻا’ حيدرآباد مان ڇپيو.
ساڳئي سال 2005ع ۾ اسحاق سميجي جو ڪتاب ‘شاعريءَ سان دشمني’ شايع ٿيو، جنهن ۾ تاج بلوچ، امداد حسيني، اياز گل ۽ شبنم گل جي شاعريءَ جي تنقيدي بحث کان سواءِ شيخ اياز تي امداد حسينيءَ جي ڪيل تنقيد جي موٽ ۾ به هڪ تنقيدي مضمون شامل آهي.
2005ع ۾ ‘سامي صاحب سيمينار '>سنت ڪوي سامي صاحب سيمينار ’ ۾ پڙهيل مقالن تي مشتمل ڪتاب ساڳئي نالي سان مينا گوپ ميرچنداڻيءَ ڇپايو، جنهن ۾ ساميءَ جي جيونيءَ کانسواءِ سندس سلوڪن جون شاعراڻيون خوبيون ۽ انهن جو نئين انداز ۾ اڀياس ڪيل آهي.
2005ع ۾ لکمي کلاڻيءَ جو ڪتاب ‘رچنا ياترا’ (ڀاڱو- 4) آديپور مان ڇپيو، جنهن ۾ ننڍن ننڍن مضمونن ۾ ڪجهه ادبي موضوعن تي تنقيدي ليک پڻ آهن.
2005ع ۾ آغا سليم جو ڪتاب ‘شيخ اياز: صدين جي صدا’
سنڌي ادبي بورڊ، پاران شايع ٿيو، جيڪو اياز جي شاعريءَ بابت تنقيدي مضمونن تي ٻڌل آهي.
2005ع ۾ سنگت پبلڪيشن، پاران تاج جويي جو هڪ ڪتاب
‘شاهه، سنڌ ۽ هندستان’ ڇپيو، جنهن ۾ مختلف صنفن جا مضمون، مثلاً: سوانحي، انٽرويو ۽ ڪي تنقيدي تجزيا به شامل آهن. هن ڪتاب ۾ تنقيدي مقالا به آهن، جن ۾ موهن ڪلپنا جو ‘شاهه، سنڌ ۽ هندستان’ ۽ ڪرشن راهيءَ جو ‘سنڌي غزل جا نوان آواز’ اچي وڃن ٿا.
2005ع ۾ ستيش روهڙا جو ڪتاب ‘ساهتيه سرجڻ’ ڀارت ۾ ڇپيل سنڌي ادب تي تنقيدي تبصرن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ دلگير، پريم پرڪاش، شريڪانت صدف، منگهارام ملڪاڻيءَ جي رچنائن تي تنقيدي تبصرا آهن.
2005ع ۾ پرم ابيچنداڻيءَ جو ڪتاب ‘نظر ۽ نظريو’ دهليءَ مان ڇپيو، جنهن ۾ هن ادبي دنيا ۾ سازشن، جهڳڙن ۽ اسڪينڊلن تي لکيو آهي ۽ تمام سخت زبان استعمال ڪئي آهي.
2005ع ۾ ‘سنڌي ٻال ساهتيه’ نالي ڪتاب ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيءَ جي ٻاراڻي ادب تي لکيل پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا احمدآباد مان ڇپي. هن ڪتاب ۾ ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي ادب جي تاريخ سان گڏ ان تي تبصرو پڻ آهي.
سال 2006ع ۾ پروفيسر علي نواز جتوئيءَ ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي طرفان هڪ ننڍڙو ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ ‘غزلن جو غنچو’ نالي ڄام شوري مان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان پڌرو ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌي غزل گو شاعرن جي انتخاب کان سواءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو لکيل مقدمو غزل جي صنف تي تنقيدي حوالي سان لکيل آهي.
2006ع ۾ ج. ع منگهاڻيءَ جو ڪتاب ‘شاهه لطيف جي ٻولي- تحقيقي جائزو’ ڇپيو، جنهن ۾ لطيف جي ٻوليءَ تي تنقيدي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي.
2006ع ۾ ڊاڪٽر شمس سومري جو ڪتاب ‘تخليقي ادب جا ترڪيبي جزا’ شايع ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر شمس سومري ادبي تنقيد جي کوٽ کي ذهن ۾ رکي شعوري طور ان کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
2006ع ۾ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جو ڪتاب ‘گدائيءَ جي شاعريءَ تي جديد تنقيد’ ڇپيو، جنهن ۾ عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعريءَ تي تنقيدي اڀياس آهي.
2006ع ۾ واسديو موهيءَ جو ڪتاب ‘ورهاڱي کانپوءِ سنڌي غزل جو هئنڊ بوڪ’ ڀارت ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌي غزل بابت تنقيدي تجزيو به شامل آهي.
2006ع ۾ ڪونج رسالي جو ‘واسديو موهي خاص انڪ’ (نمبر) سندس هڪ سٺو تنقيدي مطالعو پيش ڪري ٿو. مٿس لکندڙن ۾ هند جا تقريباً سمورا اهم سنڌي ليکڪ شامل آهن، جن ۾ موتي پرڪاش، اي. جي. اتم، موتيلال جوتواڻي، هري دلگير، ڪلا پرڪاش، پوپٽي هيراننداڻي ۽ ٻيا شامل آهن. انهن ۾ سنڌ مان باري منگيءَ، ساجد سومري ۽ رکيل مورائيءَ جا ليک به شامل آهن.
2006ع ۾ زبير سومري جو، ڪونج پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڪتاب ‘ساميءَ مٽ اُپٽيا’ پڌرو ٿيو، جنهن ۾ هيري ٺڪر، ولي رام ولڀ، نند جويري ۽ خود زبير سومري جا مضمون شامل آهن. ساميءَ تي سنڌ ۾ ڇپيل ڪتابن ۾ هي سٺو واڌارو آهي.
2006ع ۾ ‘سنڌو جوت’ جو خاص هري دلگير نمبر، لڇمڻ ڀاٽيا دهليءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو، جيڪو هن ٽماهي رسالي جو 23- 24 شمارو آهي. هن ڪتاب ۾ هري دلگير جي شخصيت تي ۽ لکڻين تي مختلف ليکڪن جا مضمون ۽ مقالا آهن، جن ۾ ارجن حاسد، ڪلا پرڪاش،
قمر شهباز، تاجل بيوس، ريٽا شهاڻي، موتي پرڪاش، گوبند خوشحالاڻي ۽ ڪي ٻيا شامل آهن.
2007ع ۾ ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻيءَ جو ڪتاب ‘سنڌيت ’ الهاس نگر مان ڇپيو، جنهن ۾ ڀارت ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب (ڀاشا ۽ ساهتيه) جي ڪردار، قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم، پير محمد لکوي، شاهه جي رسالي ۽ شاعري، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، سچل سرمست وغيره تي تنقيدي حوالي سان ليک لکيل آهن.
2007ع ۾ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جو ٻيو تنقيدي ڪتاب
‘شاهه لطيف جو علامتي شعور’ نالي ڪتاب شايع ٿيو.
2007ع ۾ ديال آشا جو ڪتاب ‘ادبي سرهاڻ’ الهاس نگر مان ڇپيو، جنهن ۾ هن ڪيترن اهم موضوعن تي قلم کنيو آهي، جن مان قديم سنڌي شعر، شاهه لطيف، ڀڳتي ڪاويه ۽ سنڌي ڪاويه، ڪشنچند بيوس، حمل لغاري، هوندراج دکايل، شيخ اياز، کيئلداس ‘فاني’، نارائڻ شيام ۽ ڪيترن ئي ٻين شاعرن جي ڪلام جو تجزيو ڪيو ويو آهي.
2007ع ۾ تخليق پبليڪيشن طرفان واسديو موهيءَ تي ڇپيل ڪتاب ‘باقي واسديو موهي’ احمدآباد مان ڇپيو، جنهن ۾ مختلف ليکڪن واسديو موهيءَ جي رچنائن جو تنقيدي جائزو ورتو آهي، جن
۾ موهن ڪلپنا، نامديو، گورڌن تنواڻي، ستيش روهڙا، ارجن هاسد،
پـريـم پرڪـاش، ڪـمـلا گـوڪـلاڻي، لڇمـڻ ڀاٽيـا، جگـديش لڇــاڻي،
پوپٽي هيراننداڻيءَ ۽ ٻين سندس شاعريءَ، خصوصاً ‘نئين ڪويتا’ تي سُٺي تنقيد ڪئي آهي.
2007ع ۾ اياز قادريءَ جي مضمونن، مقالن ۽ يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ‘مشعل اياز’ جي نالي سان لاڙڪاڻي مان ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب جو عنوان منجهائيندڙ آهي، ڇاڪاڻ جو صرف ‘اياز’ لکڻ سان ڌيان شيخ اياز ڏانهن وڃي ٿو. بهرحال هن ڪتاب ۾ ڪجهه مقالا تنقيدي ضرور آهن، جن مان ڪجهه شاهه، سچل تي ۽ ڪي وري سنڌي غزل تي به آهن. مجموعي طرح هي صرف تنقيدي ڪتاب ڪونه چئبو.
2007ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ظفر عباسيءَ جو ڪتاب ‘شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون’ ڇپيو، جنهن کي ڪجهه اوڻاين جي باوجود فني اصولي ۽ نصابي (Academic) تنقيد جو ڪتاب چئي سگهجي ٿو.
2007ع ۾ جامي چانڊيي جو ترتيب ڏنل ڪتاب ‘سنڌي ادب ۾ تنقيد- اينٿالاجيءَ’ جو حصو ٽيون ‘افسانوي ۽ فڪري ادب ’ ڇپيو.
2007ع ۾ جگديش لڇاڻيءَ جو ڪتاب ‘ايم. ڪمل جي شاعري
الهاس نگر مان ڇپيو، جنهن ۾ سندس شخصيت ۽ فن تي تفصيل سان بابن ۾ لکيو ويو آهي.
2007ع ۾ ‘سنڌي ناول ڪٺگهري ۾’ عنوان سان پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ جا سنڌي ناول بابت چونڊ تنقيدي مضمون، الهاس نگر مان ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا.
2007ع ۾ ‘ڪڇان ڪڄاڙو’، حيدر علي لغاريءَ جو، حيدرآباد مان ڇپيل ڪتاب اهم تنقيدي مقالن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ نظرياتي حوالي سان پڻ تنقيدي مواد موجود آهي. هن ڪتاب ۾ لطيفيات جا تـنقيـدي پـهـلـو، مصري شاهه وغيـره جـهـڙن ادبـي مـوضـوعـن کان سواءِ ‘جهان نفسيات’، ‘انـداز فـڪـر و نـظـر’، ‘قومي شعور ۽ ٻولي’، ‘انساني تهذيبي شعور جي ارتقا’، مضمون ۽ خط، تاثر ۽ انٽرويو شامل آهن.
2007ع ۾ نورافروز خواجه جو ترتيب ڏنل ڪتاب ‘اگهيا سٽ سندا’، لطيف ريسرچ سينٽر، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ڇپيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر الانا، ڊاڪٽر دائودپوٽي، ميران محمد شاهه، جي ايم سـيـد، پيـر حسـام الـدين راشـدي، غـلام حسيـن جلباڻي، ٻلديـو مـٽـلاڻـي، مـوتـي لـعـل جـوتـواڻـي، انـور سـومـري، انـور فـگار هَـڪـڙي،
آزاد قاضي، غفور ميمڻ ۽ ٻين جا مضمون شامل آهن، جن ۾ شاهه جي ڪلام جي مختلف تصورن، عنصرن ۽ فڪر جي تنقيدي پرک ڪئي وئي آهي.
2007ع ۾ ‘رچـنـا’ رسالي جي طرفان ڪرشن کٽواڻيءَ جي نالي خاص نمبر آديپور مان شايع ٿيو، جنهن ۾ سندس جيون ۽ لکڻين تي مختلف اديبن: ڪملا گوڪلاڻي، رشمي راماڻي، شيام جئسنگهاڻي، نامديو تاراچنداڻي ۽ جيا جادواڻيءَ جا ليک شامل آهن.
ڊسمبر 2007ع ۾ ڇپيل واسديو موهيءَ جو ڪتاب، خاص سنڌي غزل ۽ سنڌي شاعريءَ جي ٻين صنفن ۽ رخن تي لکيل، الهاس نگر مان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن ۾ اهم ادبي موضوعن جي ڇنڊڇاڻ ٿيل آهي، جن ۾ هند ۽ سنڌ جي سنڌي غزل جي حوالي سان مقالا شامل آهن ۽
جن غزل گو شاعرن جي حوالي سان تنقيدي تبصرا ڪيا ويا آهن، اُنهن ۾ ايم. ڪمل، ارجن حاسد، دلگير، ڪرشن راهي، اياز گل، نارائڻ شيام وغيره شامل آهن.
2008ع ۾ دهليءَ مان آنند کيماڻيءَ جو تنقيدي ڪتاب ‘وڄ اڃا ڪانه ڪِري آهي’ ڇپيو، جنهن ۾ ٻه ليک سنڌي ناول تي لکيل آهن.
2008ع ۾ واسديو موهيءَ جو ڪتاب ‘ورهاڱي کانپوءِ سنڌي غزل جو هينڊ بُڪ’ احمدآباد مان ڇپيو، جنهن ۾ 19 ۽ 20 صديءَ ۾ لکيل سنڌي غزل تي تنقيدي نظر وڌي وئي آهي.
2008ع ۾ جامي چانڊيي جو ٻيو ڪتاب ‘ادب، سياست ۽ سنڌي سماج’ ڇپجي آيو، جيڪو پڻ تنقيدي سلسلي جي ڪڙي آهي.
2008ع ۾ وينا شرنگيءَ جو ڪتاب ‘تون ڇپر تون ڇانوَ’ دهليءَ مان شايع ٿيو، جنهن ۾ ڪنور ڀڳت، جي شخصيت کان سواءِ هري دلگير جي تخليقي شعور، اي. جي اتم جي قوميت، گورڌن ڀارتيءَ جي سُر سنگم ۽ شاهه جي سورمين بابت ادبي ۽ تنقيدي مضمون شامل آهن.
2008ع ۾ ڊاڪٽر سحر امداد جو تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب ‘شعور، شاعر، شاعري’ شايع ٿيو.
ساڳئي ئي سال آزاد قاضيءَ جو ڪتاب ‘ادب جي تعميري واٽ’
پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو، جيڪو پڻ تنقيدي ڪتابن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.
2008ع ۾ پروين موسيٰ ميمڻ جو ڪتاب ‘رائو ريل '>اٿي رائو ريل ’ (تحقيق ۽ تنقيد) محمد موسيٰ قاسماڻي ادبي اڪيڊميءَ ڇپيو. هن ڪتاب کي اڪيڊمڪ يا نصابي ڪتاب چئجي ته بهتر، ان هوندي به ان ۾ ڪن ليکڪن ۽ سندن ڪتابن تي تنقيدي تبصرا ڪيل آهن.
2008ع ۾ دهليءَ ۾ هڪ انٽرنيشنل سيمينار ٿيو هو، جنهن ۾ هند سنڌ جي اديبن مختلف موضوعن تي مقالا پڙهيا، جيڪي گهڻو ڪري تنقيدي هئا، جن ۾ غزل، نئين ڪوتا، ناول ۽ ڪهاڻيءَ کانسواءِ تنقيد تي به مقالا هئا.
ڊسمبر 2008ع ۾ نامور نقاد هيري ٺڪر جي تنقيدي مضمونن تي مشتمل ڪتاب ‘انڊلٺ’ دهليءَ مان شايع ٿيو، جنهن ۾ برطانوي حڪومت دوران بندش هيٺ آيل ادب، برطانوي دور ۾ سنڌي مضمون نويسي، سنڌي ريڊيو نيوز ۽ تبصري جي ٻوليءَ تي لکيو آهي.
2009ع ۾ احمدآباد مان پريم پرڪاش جو ڪتاب ‘نئين ڪوتا: سنويد نشيلتا’ ڇپيو، جنهن ۾ نئين شاعريءَ جي لکندڙن مان شيام جئسنگهاڻي، موهن همٿاڻي ۽ ٻين تي ٽيڪاٽپڻي ڪئي آهي.
2009ع ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جو ڪتاب ‘تاريخ '>سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ ’ (نثري ادب) شايع ٿيو، جنهن ۾ هن سنڌي ادب جي تهذيبي ۽ تاريخي عمل جي روشنيءَ ۾ جائزو بيان ڪيو آهي.
2009ع ۾ ڊاڪٽر پريم پرڪاش جو ڪتاب ‘سنڌي ڪهاڻي- تبصرا ۽ جائزا’ دهليءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن ۾ آزاديءَ کانپوءِ هند ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ ۽ ڪهاڻيڪارن تي تمام اهم تنقيدي مقالا آهن.
2009ع ۾ ‘وجود ئي وڻڪار’ نالي ڪتاب شيام جئسنگهاڻيءَ جي جيون ۽ فن تي الهاس نگر مان ڇپيو، جنهن ۾ نند ڇڳاڻي، ارجن حاسد، واسديو موهي، نامديو تاراچنداڻي، شوڪت شوري، نصير مرزا، اياز گل، هري همٿاڻيءَ، لکمي کلاڻيءَ جا مضمون شامل آهن.
2009ع ۾ ‘ڪـونـج رسـالـي جـو گـولـڊن جـوبلـي نمبـر’ سرڳواسي هري موٽواڻي سنڌيءَ جي نالي ارپنا سان ڇپيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ليکڪن جي مختلف دورن ۾ ڇپيل تخليقن تي ٽيڪاٽپڻي به آهي ته خود هري موٽواڻيءَ جي باري ۾ به ليک آهن، جن مان ڪي تنقيدي ساءُ رکن ٿا.
جنوري 2010ع ڌاري مرحوم انور پيرزادي جي تحريرن جو ڪتاب ‘جديد سنڌي ادب ’ آيو آهي، جنهن ۾ امر جليل جي ڪهاڻين ۽ ڪجهه ٻين موضوعن تي لکيو ويو آهي.
2010ع ۾ نئين دهليءَ مان آنند کيماڻيءَ جو ڪتاب ‘اسهمتيءَ جي اگني ڪنڊ مان’ ڇپيو، جنهن ۾ تنقيد جي حوالي سان ڪن ڪهاڻين جي مجموعن، ناولن، مرتب ڪتابن تي تعارفي توڙي تنقيدي ليک شامل آهن.
2010ع ۾ جگديش لڇاڻيءَ جو ڪتاب ‘نثري نظم ۽ ان جو ادبي پسمنظر’ ويڻا پبليڪيشن، الهاس نگر پاران ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن ۾ هن نثري نظم ۽ ان جو پسمنظر ڏئي، سنڌ جي 35 شاعرن جي نثري نظم جو تنقيدي جائزو ورتو آهي. انهن شاعرن ۾ شيخ اياز، قمر شهباز،
تاجل بيوس، فتاح ملڪ، امداد حسيني، ادل سومرو، اياز گل، عطيه دائود، مدد علي سنڌي، چندر ڪيسواڻي، رمضان نول، آڪاش انصاري،
آسي زميني، پارس حميد، محمد علي پٺاڻ، ارم محبوب ۽ ٻين جو تنقيدي جائزو ورتو آهي، پر هو ڪجهه آزاد نظمن کي نثري نظم سڏڻ جي غلطي ڪري ويو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ تاج جويي لکيو آهي، جنهن نثري نظم جي تاريخ ۽ تنقيدي جائزو ورتو آهي.
2010ع پروفيسر سنڌيا چندر ڪندناڻيءَ جو ڪتاب ‘ناٽڪ جي ارتقا’ ممبئيءَ مان ڇپيو. هن ڪتاب ۾ ناٽڪن جا قسم، دور ۽ ترقيءَ تي مختلف مضمون شامل آهن، جن مان ڪن ۾ تنقيدي عنصر پڻ موجود آهي، ڪجهه عنوان آهن: ناٽڪ ڇا آهي، سانگ، ڀٽ چارڻ، قصا، راس ليلا، رام ليلا، سنگيت ناٽڪ، ريڊيو ناٽڪ، ٽي. وي ناٽڪ جو سفر وغيره.
2010ع ۾ ولي رام ڪشناڻيءَ جو ڪتاب ‘هوندراج دکايل جنم شتابدي سيمينار’ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ هوندراج دکايل جي شاعريءَ تي مضمون موجود آهن، جن ۾ ڪافي تنقيدي مواد آهي.
2010ع ۾ جگديش لڇاڻيءَ جو موهن ڪلپنا جي شخصيت ۽ فن تي لکيل ڪتاب ساهتيه اڪيڊميءَ جي اسڪيم ‘ڀارتي ساهت جا اڏيندڙ’ هيٺ ڇپايو ويو، جنهن ۾ موهن ڪلپنا بابت جيڪي عنوان
ڏنا ويا آهن، تن ۾ سندن جيون جو تعارف، شخصيت، ڪهاڻيون، ناول، نئين ڪوتا، آتم ڪٿا شامل آهن. هي ڪتاب، سنڌي ۾ تنقيد جو اهم ڪتاب آهي.
2010ع ۾ ‘سنڌو جوت’ جو 33 پرچو شري ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ جي نالي خاص نمبر طور، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي ادارت هيٺ دهليءَ مان ڇپيو، جنهن ۾ هند سنڌ جي ڪيترن ئي اهم ليکڪن جا ليک شامل آهن، جن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، مرليڌر جيتلي، وينا شرنگي، نور افروز خواجه، فتاح ملڪ، گورڌن شرما ۽ ڪيترن ٻين جا مقالا ۽ مضمون شامل آهن، جيڪي سندس شخصيت کانسواءِ سندس لکڻين تي به روشني وجهن ٿا.
2011ع ۾ روي پرڪاش ٽيڪچنداڻيءَ جي مرتب ڪيل ڪتاب
سنڌي ادب ۾ بعد جديديت’ هڪ اهم تنقيدي ڪتاب آهي، جيڪو
Post Modernization جي سنڌي ادب ۾ اثر بابت 2009ع ۾ دهليءَ ۾ ڪرايل سيمينار جي ڪارروائيءَ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي ڪهاڻين، شاعريءَ، ناٽڪن ۽ ناولن ۾ انهيءَ لاڙي جي اهڃاڻن ۽ آثارن تي روشني وڌي وئي آهي.
2011ع ۾ دهليءَ مان نامديو تاراچنداڻيءَ جو مرتب ڪيل
ڪتاب ‘سنڌ جو سنڌي ساهتيه’ ڇپيو، جيڪو ان نالي سان ٿيندڙ سمپوزيم جي مقالن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تقريباً اهم ساهتڪارن جي فن تي تنقيدي مقالا ڇپيل آهن، جيڪي هند جي نقادن جا لکيل آهن.
2011ع ۾ ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ جو تنقيدي ڪتاب ‘مقالا ۽ تبصرا’ الهاس نگر مان ڇپيو، جنهن ۾ سنڌي ادب جي مختلف پهلوئن تي لکيو ويو آهي، جن ۾ ايم. ڪمل، گوبند مالهيءَ جو فن ۽ شخصيت پڻ شامل آهن.
2011ع ۾ لڪشمڻ دٻيءَ جو ترتيب ڏنل ڪتاب ‘ورهاڱي کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ سنڌيپڻي جو فنڪارانه اظهار’ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ مٿئين موضوع تي تنقيدي مواد موجود آهي.
2011ع ۾ نامديو تاراچنداڻيءَ جو ڪتاب ‘سنڌي نئين ڪويتا جي چونڊ تنقيد: سمپادڪ’ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ نئين ڪويتا تي مختلف ليکڪن جا تنقيد تي مضمون شامل آهن ۽ اهم ڪتاب آهي.
2011ع ۾ ‘ڪلا جو ڪوهنور’ نالي ڪتاب ماسٽر چندر جي شاعري، سنگيت ۽ جيون تي ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي، ارجن ڀمڀاڻيءَ ۽ نرمل گوپلاڻيءَ جي ادارت هيٺ دهليءَ مان ڇپيو، جنهن ۾ لکندڙن ۾ ماهتاب محبوب، ذوالفقار راشدي، ڪلياڻ آڏواڻي، پوپٽي هيراننداڻي، ارجن شاد، موتي پرڪاش، ارجن سڪايل، آغا سليم وغيره جا مضمون شامل آهن.
2012ع ۾ جڳديش لڇاڻيءَ جو ڪتاب ‘نئين ڪوِتا ارتقائي سفر’
الهاس نگر مان ڇپيو، جنهن ۾ هن سنڌي شاعريءَ ۾ نين صنفن جي اچڻ، قبول ۽ پسند پوڻ سان گڏ پراڻي شاعريءَ مان انهن جي اسرڻ تي پڻ روشني وڌي آهي ۽ تمام اهم شاعرن جي نئين شاعريءَ تي تنقيدي مضمون لکيا آهن.
2012ع ۾ سنڌ جي مهان ڏاهي محمد ابراهيم جويي طرفان شيخ اياز جي مختلف ڪتابن تي لکيل مهاڳن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو ‘مون ڏات انوکي آندي آ’، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ سهيڙي شايع ڪرايو، جنهن ۾ شيخ اياز جي جديد سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ انقلابي ۽ قومي شاعر واري حيثيت سان گڏ سندن فن ۽ فڪر تي ڀرپور نموني لکيو ويو آهي. اياز شناسيءَ جي حوالي سان هيءَ هڪ اهم ڪتاب آهي ۽ تنقيدي ادب ۾ قابل قدم اضافو آهي.
2012ع ۾ ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻيءَ جو سهيڙيل ڪتاب ‘ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي- شخصيت ۽ رچنائون’ دهليءَ مان شايع ٿيو، جنهن ۾ جهمون ڇڳاڻيءَ، ڊاڪٽر ديال آشا، گورڌن شرما، ڪنعيالال ليکواڻيءَ، آشا سارسوت، ارجن چاولا، هدايت پريم ۽ عبدالجبار جوڻيجي جا لکيل مقالا ۽ مضمون شامل آهن، جن ۾ ڊاڪٽر جيٽلي جي شخصيت ۽ ڪيل ڪم جي تنقيدي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي.
2012ع ۾ ڄيٺي لالواڻيءَ جو ڪتاب ‘سنڌي ناٽڪ پرمپرا’، احمدآباد مان شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌي ناٽڪ جي حوالي سان تمام اهم ليک شامل آهن، جن ۾ مرزا قليچ بيگ، تيرٿ بسنت، مدن جماڻيءَ جي فن کانسواءِ ناٽڪ ۾ هلندڙ روايتن تي چڱي روشني وڌي وئي آهي.
2012ع ۾ ‘يادن جا ورق’ نالي ڪتاب ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ، ويڻا پبليڪيشن الهاس نگر طرفان ڇپرايو آهي، جنهن ۾ هن جا اهم ادبي شخصيتن- ليکراج عزيز، ڪلياڻ آڏواڻي، رام پنجواڻي، هري دلگير، گوورڌن ڀارتي، ڪرشن راهيءَ بابت مضمون شامل آهن، جن ۾ سندن ادبي يوگدان (حصي: Contribution)، زندگيءَ ۽ ساڻن پنهنجي واسطيداري بيان ڪرڻ سان گڏ سندن تخليقن جي ادبي ڪٿ به ڪئي وئي آهي. ڪتاب تي هيري شيوڪاڻيءَ جو مهاڳ لکيل آهي.
2012ع ۾ ڊاڪٽر آشا منگهارام رنگواڻيءَ جو ڪتاب ‘هري دلگير جي شعر ۾ درسن’ ڇپيو، جنهن ۾ هري دلگير جي شخصيت ۽ شاعريءَ جو اڀياس ڪيو ويو آهي، پر ان ۾ تنقيدي عنصر موجود آهن.
2012ع ۾ سنڌيءَ جي خوبصورت ليکڪا ‘سندري اتمچنداڻيءَ’ جي شخصيت ۽ فن ۽ فڪر تي، هولارام هنس جو لکيل ڪتاب ممبئيءَ مان ڇپيو، جنهن ۾ سندريءَ جي لکڻين ۾ هڪ شاعر، ناٽڪ نويس، افسانا نگار ۽ مترجم جي حيثيت ۾ موجود روين، لاڙن ۽ نظرين جو جائزو ورتو ويو آهي، جن ۾ ترقي پسندي، ڌرم بابت ويچار، نفسياتي ڇيد ۽ ٻيا موضوع شامل آهن.
2013ع ۾ پروفيسر نذير احمد سومري جو تنقيدي مضمونن تي مشتمل ڪتاب ’تنقيدون ۽ تجزيا‘ لاڙڪاڻي مان ڇپيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪجهه ڪتابن يا اُنهن ۾ شامل ليکن جو مختصر تنقيدي جائزو ورتل آهـي، جـن ۾ ‘اکيـن ڏٺـو ڪـنن ٻُـڌو’، ‘پهاڪن جي پاڙ’، ‘خيمي ۾ شام’،
‘سنڌ جي ادبي تاريخ’، ‘ڪينجهر’، ‘مارو جي ملير جا’، ‘ياد گهر’ ۽
‘نجم عباسيءَ جو فلسفو’ نالي سان جائزا شامل آهن.
2013ع ۾ جڳديش لڇاڻيءَ جو ڪتاب ‘لاهوتي لڏي ويا’ سنڌي ادب جي گذاري ويل اهم ليکڪن ۽ شاعرن جي يادگيريءَ تي مشتمل آهي، جيڪو الهاس نگر مان ڇپيو آهي. هن ڪتاب ۾ انهن اديبن جي فن تي پڻ تبصرو ڪيو ويو آهي.
2013ع ۾ ڊاڪٽر غلام قادر سومري جو ڪتاب ‘سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح’ (712ع کان 1985ع) سنڌ ثقافت کاتي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن ۾ مختلف دورن ۾ نه صرف شاعري، پر ناول، ڪهاڻي، ڊرامي وغيره ۾ طنز ۽ مزاح تي روشني وڌي وئي آهي ۽ چونڊ مزاح نگارن جي تحريرن جو تنقيدي جائزو ورتو ويو آهي، جن ۾ مرزا قليچ بيگ کان وٺي حليم بروهي ۽ پروفيسر نذير قاضيءَ تائين 24 ڄڻن بابت لکيو ويو آهي.
2013ع ۾ ‘دل جي دنيا’ نالي ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جو ڪتاب، ويڻا پبليڪيشن الهاس نگر ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي، پرڀو وفا، سڳن آهوجا، گُني سامتاڻي ۽ تاجل بيوس جون ادبي تصويرون پيش ڪيون آهن. ڪتاب ۾ ڄاڻايل ڏات ڌڻين جي ذاتي زندگيءَ سان گڏ، انهن جي فن، فڪر ۽ علمي ادبي زندگيءَ تي به نگاهه وڌي وئي آهي. هي ڪتاب پڻ ادبي ۽ تنقيدي اڀياس ۾ جوڳي جاءِ والاري ٿو.
2013ع ۾ پريم پرڪاش جو تنقيدي مقالن تي مشتمل ڪتاب ‘سنڌي ناٽڪ تي چونڊ تنقيد’ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ گوبند مالهي، منگهارام ملڪاڻي، ٻلديو گاجرا، هريڪانت، هيم راج ناگواڻي، لکمي کلاڻي، پريم پرڪاش، لڇمڻ ڀمڀاڻي، ڄيٺو لالواڻي، هريش واسواڻي، سندر بٽاڻي، ايم ڪمل، پرم ابيچنداڻي، موتي پرڪاش ۽ ٻين جا 24 تنقيدي مقالا شامل آهن ۽ هڪ اهم تنقيدي ڪتاب آهي.
2013ع ۾ واسديو موهيءَ جو ڪتاب ‘آزاديءَ کانپوءِ غير افسانوي سنڌي ادب ’ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ غير افسانوي ادب (شاعري، سوانح وغيره) تي تنقيدي مقالا شامل آهن.
سال 2013ع ۾ ارجن حاسد جو ڪتاب ‘تيرٿ بسنت جنم شتابدي سيمينار’ ڇپيو، جنهن ۾ واسديو موهي، مرليڌر جيٽلي، لڇمڻ ڪومل، هري همٿاڻي، ڪملا گوڪلاڻي، جهمون ڇڳاڻي، هيري ٺڪر، مينا روپچنداڻي، هاسي دادلاڻي، هيري شيوڪاڻي، کيمن مولاڻي،
ونود آسوداڻي، ڄيٺي لالواڻي، سُريتا شرما جا مقالا، تيرٿ بسنت
جي شخصيت ۽ ادب تي شامل آهن، جن ۾ ڪافي تنقيدي مواد
موجود آهي.
2013ع ۾ پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ جو ڪتاب ‘ادب جا معمار ۽ سنڌي ادب ’ ، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جيڪو هيري شيوڪاڻيءَ جي چونڊ تنقيدي مضمونن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو پهريون مهاڳ (’مهاڳ جو اڳ‘) جي نالي سان خود ليکڪ لکيو آهي، جڏهن ته ٻيو مهاڳ ’نئين تنقيد لاءِ اتساهه‘ عنوان سان ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته ’الائي ڇو ۽ ڪيئن اسين اهو سمجهي ويٺا هئاسين ته ادب وانگر تنقيد جي ميدان ۾ به اسين سنڌ وارا هند جي سنڌي ليکڪن کان اڳڀرا آهيون. مون رڳو ورهاڱي کانپوءِ هن وقت تائين حساب ڪيو ته هند وارن جا تنقيد جي کيتر ۾ لکيل ڪتاب سنڌ کان ٻيڻا آهن.“ ڊاڪٽر صاحبه هيري شيوڪاڻيءَ جي تنقيدي معيار جي ڪٿ ڪندي آخر ۾ لکيو آهي ته ”هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ’تنقيدي ادب‘ ۾ هڪ قابل قدر اضافو ٿيندو ۽ هند سنڌ جي تنقيدنگارن کي ’نئين تنقيد‘ جي لاءِ اتساهيندو.“ ڪتاب تي تاج جويي پڻ ’تنقيد جي تخت تي براجمان هيرو‘ عنوان سان لکي کيس هند سنڌ جو برک نقاد سڏيو آهي. ڪتاب ۾ هيري شيوڪاڻيءَ جا 13 تنقيدي مضمون، جن ۾ ادب جا معميار چڪاسڻ لائوڊ ٿنڪنگ، ڀڃ گهڙ (deconstruction) تنقيد جو بنسبتي تازه تر ميٿڊ، گذريل ٻن ڏهاڪن (2005- 1985) ۾ ڀارت ۾ سنڌي تنقيد ۾ لاڙا ۽ پرورتيون، تيرٿ بسنت جي رچنائن سان سرندڙ عالمگير نظريو جماليات ۽ سنڌي ناول، آزاديءَ بعد ڀارت جي سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ علامتون، نسيم کرل ۽ سندس ڪهاڻيون، سرحد پار سنڌ ۾ وڃ ۽ ڀوائتن تجربن جي تصوير (ماڻڪ جو ناول ’ساهه مُٺ ۾‘)، سرحد جي آرپار جي سنڌي ڪهاڻي، شاهه لطيف ۽ ڀڳتي هلچل وغيره اهم آهن.
2014ع ۾ ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جو ڪتاب ’ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جو ساهتيه ۾ ڪُٽنب، سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جو جائزو‘ عنوان سان ڇپيو. هي ڪتاب ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جي پي ايڇ ڊي جو تحقيقي مقالو آهي ۽ تنقيدي ادب ۾ سٺو اضافو آهي.
2014ع ۾ ستيش روهڙا جو ڪتاب ’ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جي چونڊ تنقيد‘ ڇپيو، پروفيسر هريش واسواڻي، ڊاڪٽر پريم پرڪاش، پروفيسر هيري شيوڪاڻي، ستيش روهڙا جا تنقيدي مقالا، سنڌي ڪهاڻيءَ جي گهڻ پاسائين تنقيد ۾ گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، نامديو تاراچنداڻي، واسديو موهيءَ جا 26 ڪهاڻين جي جدا جدا پهلوئن تي تنقيدي مقالا شامل آهن.
2014ع ۾ واسديو موهيءَ جو ڪتاب ’ورهاڱي کان پوءِ سنڌي غزل جي چونڊ تنقيد‘ ڇپيو، جنهن ۾ سنڌي غزل جي سفر، بدلجندڙ احساس، بندش، آزاديءَ کان ستين ڏهاڪي تائين جي غزل، جديد غزل، هـاڻـوڪــي سـنـڌي غـزل، سـنڌي غـزل ۾ سـنڌيـپڻي، اظهـار جي نـون
طريقن، مختلف شاعرن جي غزلن جي اڀياس بابت ليکڪن جا مقالا شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو